پشاور-22 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ مان غير قانوني افغان پناهگيرن جي نيڪاليءَ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن طورخم بارڊر جي رستي وڌيڪ 2847 افغان شهرين کي افغانستان موڪليو ويو. خيبر پختونخوا جي گهرو کاتي موجب خيبر پختونخوا سميت ٻين صوبن آزاد ڪشمير، گلگت ۽ وفاقي گاديءَ واري حڪومت اسلام آباد مان افغان شهرين جي نيڪاليءَ جو عمل جاري آهي. کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن …
افغان شهرين جي نيڪاليءَ جو عمل جاري، طورخم بارڊر ذريعي 2847 افغان شهرين کي واپس وطن موڪليو ويو

مزید خبریں
پشاور-22 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ مان غير قانوني افغان پناهگيرن جي نيڪاليءَ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن طورخم بارڊر جي رستي وڌيڪ 2847 افغان شهرين کي افغانستان موڪليو ويو. خيبر پختونخوا جي گهرو کاتي موجب خيبر پختونخوا سميت ٻين صوبن آزاد ڪشمير، گلگت ۽ وفاقي گاديءَ واري حڪومت اسلام آباد مان افغان شهرين جي نيڪاليءَ جو عمل جاري آهي. کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل ڏينهن طورخم بارڊر رستي 2847 افغان شهرين کي افغانستان موڪليو ويو. گذريل ڏينهن نيڪاليءَ ۾ 1550 پي او آر، 465 اي سي سي ڪارڊ هولڊرز سيمت 832 غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي افغانستان واپس موڪليو ويو. انگن اکرن موجب هن وقت تائين مجموعي طور 10 لک 6831 افغان شهرين کي افغانستان موڪليو ويو آهي. واپس موڪليل افغان شهرين ۾ 241357 پي او آر، 73906 اي سي سي ڪارڊ هولڊرز سميت 691568 غير قانوني پرڏيهي شامل آهن.











