قائداعظم يونيورسٽي کانسواءِ اسلام آباد اڌورو آهي، وفاقي دارالحڪومت کي يونيورسٽي ٽائون بڻائينداسين: محسن نقوي

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته قائداعظم يونيورسٽي پاڪستان جو ناليوارو ادارو آهي جتي سڄي ملڪ جا رنگ نظر اچن ٿا، ان اداري جي ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير يونيورسٽي جي ايراضيءَ تي قبضن جي حوالي …

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته قائداعظم يونيورسٽي پاڪستان جو ناليوارو ادارو آهي جتي سڄي ملڪ جا رنگ نظر اچن ٿا، ان اداري جي ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير يونيورسٽي جي ايراضيءَ تي قبضن جي حوالي سان سخت چٽاءُ ڏيندي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ سرڪاري زمين تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ هڪ جامع آپريشن جاري آهي. هن چيو ته مون کي اڄ ٻئي ڀيري قائداعظم يونيورسٽي اچي دلي خوشي ٿي رهي آهي، اسان جي پوري ٽيم جو پختو يقين آهي ته جيڪڏهن اسلام آباد کي هڪ مرڪز طور ڏٺو وڃي ته ان جو تصور قائداعظم يونيورسٽي کانسواءِ اڌورو آهي، هي اها اڪيلي يونيورسٽي آهي جتي پاڪستان جي هر ڪنڊ ثقافت جا رنگ گڏ نظر اچن ٿا، اسان جو مقصد آهي ته هتي ايندڙ شاگرد جڏهن پنهنجي تعليم مڪمل ڪري وڃن ته سندن وٽ گذاريل وقت جون بهترين يادون هجن، هو اهو محسوس نه ڪن ته پنهنجو گهر ڇڏي هتي اچڻ انهن لاءِ ڏُکيو مرحلو هو، ان ويزن جي تڪميل لاءِ اسان ايندڙ مهيني اسلام آباد ويزن 2027ع جو باقائدي آغاز ڪري رهيا آهيون جنهن تحت اسلام آباد کي هڪ يونيورسٽي ٽائون طور متعارف ڪرايو ويندو. اسان جلد ان ويزن جا تفصيل سامهون آڻينداسين ته جيئن هتي تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي عالمي معيار جون بهترين سهولتون ميسر اچي سگهن. هن چيو ته اڄ مان يونيورسٽي جي داخلي رستي جو مشاهدو ڪيو جيڪو ان عظيم اداري جي شان وٽان نه هو، مان سي ڊي اي کي هدايت ئي آهي ته ايندڙ 10 کان 15 ڏينهن اندر يونيورسٽي جي داخلي رستي کي شاهراه دستور جهڙي ڪنهن اهم شاهراه وانگر خوبصورت ۽ جديد بڻايو وڃي، ان سان گڏ ئي هي آڊيٽوريم به پنهنجي موجوده حالت ۾ مثالي ناهي، اسان ان آڊيٽوريم جي مڪمل مرمت ڪري ان کي ”اسٽيٽ آف دي آرٽ“ سهولتن سان تيار ڪنداسين. هن چيو ته جيستائين يونيورسٽي جي 1700 ايڪڙ ايراضيءَ جو معاملو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد هتي موجود آهي، مان ان کان ان ڳالهه تي ڳالهائيندس. اسلام آباد ۾ اسان جي پاليسي بلڪل واضح آهي جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو آهي ته بهتر آهي ته هو پاڻ ان کي خالي ڪري ڇڏي. اسان سڀني کي بار بار خبردار ڪري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته هن وقت شهر ۾ هڪ وڏو آپريشن جاري آهي. هي ممڪن ناهي ته زمين رياست جي هجي ۽ اتي ڪو قابض هجي توڙي جو ڪنهن اها زمين خريد ڪئي هجي، ڪرائي تي ورتي هجي يا ڪوبه صورت هجي هي اوهان جي ذميداري آهي ته قانوني حيثيت ڏسي جاءِ جي چونڊ ڪريو، اسان يونيورسٽي جي ايراضيءَ سميت اسلام آباد جي هڪ هڪ ڪنڊ کي قبضي خورن کان آزاد ڪرائينداسين. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو ليپ ٽاپ پروگرام سندس دل جي تمام ويجهو آهي، هن خود هتي اچڻ چاهيو ٿي پر پنهنجي بي پناهه مصروفيتن سبب نه اچي سگهيو، جڏهن مون کي ان تقريب جي خبر پئي ته مون هر صورت ۾ هتي اچڻ جو فيصلو ڪيو ڇاڪاڻ ته قائداعظم يونيورسٽي کي پنهنجو ادارو سمجهان ٿو. مون کي اهو ٻُڌي خوشي ٿي آهي ته هي پاڪستان جي بهترين يونيورسٽين ۾ شامل آهي جيڪا اسان سڀني لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. هن چيو ته اسان يونيورسٽي جي مسئلن جي فوري حل لاءِ پنهنجي آفيس ۾ هڪ ڪوآرڊينيٽر به مقرر ڪيو آهي جيڪو ان اداري جو شاگرد به رهيو آهي، يونيورسٽي بابت ڪنهن به مسئلي کي پهرين ترجيح طور حل ڪيو ويندو. هڪ ٻي اهم اڳڀرائي اها آهي ته هاڻ سڄي پاڪستان جي مستقبل جا پوليس آفيسر قائداعظم يونيورسٽي جا تعليم يافته هوندا ۽ کين ان ڳالهه تي فخر ڪرڻ گهرجي ته هو هڪ ناليواري اداري جا شاگرد آهن، جيڪو اسان سڀني لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. اسان جهڙيءَ طرح پوري اسلام آباد کي تبديل ڪري رهيا آهيون اهڙيءَ طرح قائداعظم يونيورسٽي کي به بدلنداسين، اوهان جي ايراضي هجي يا انفراسٽرڪچر حڪومت اوهان سان هر ممڪن تعاون جاري رکندي.

مزید خبریں