بي آءِ ايس پي کي ٻوڏ متاثر علائقن جي معاونت لاءِ نه ته ڪي مخصوص هدايتون جاري ڪيون ويون ۽ نه ئي ڪي ڌار فنڊ رکيا ويا آهن: سيد عمران احمد

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو ته وفاقي حڪومت پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ٻوڏ متاثر علائقن جي معاونت لاءِ نه ته ڪي مخصوص هدايتون جاري ڪيون ويون ۽ نه ئي ڪي ڌار فنڊ رکيا ويا آهن. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران شرميلا فاروقي جي سوال تي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد …

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو ته وفاقي حڪومت پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ٻوڏ متاثر علائقن جي معاونت لاءِ نه ته ڪي مخصوص هدايتون جاري ڪيون ويون ۽ نه ئي ڪي ڌار فنڊ رکيا ويا آهن. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران شرميلا فاروقي جي سوال تي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه ايوان کي ٻُڌايو ته وفاقي حڪومت طرفان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ٻوڏ متاثر علائقن جي معاونت لاءِ نه ته ڪي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ نه ئي ڪي ڌار فنڊ رکيا ويا آهن. هن وڌيڪ بي آءِ ايس پي جي غور هيٺ اهڙو ڪوبه منصوبو ناهي جنهن تحت ٻوڏ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويلن ۽ گم ٿي ويل تقريبن 1300 ماڻهن جي وارثن يا متاثرن کي روڪ رقم فراهم ڪري سگهجي، جڏهن ته بي آءِ ايس پي خيبر پختونخوا، پنجاب، گلگت بلتستان جي ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ پنهنجي موجوده حقدارن کي ترجيح بنيادن تي مالي معاونت فراهم ڪندي باقائدي ٽه ماهي قسط جي ادائگيءَ کي ترجيح طور تي يقيني بڻايو آهي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ تحت ڪفالت، سارسنڀال ۽ تعليمي وظيفن جا پروگرام هوندا آهن، بي آءِ ايس پي هڪ آزاد ادارو آهي ان جو پنهنجو بورڊ آهي جيڪڏهن ٻوڏ متاثرن جي حوالي سان اسان کي ڪي هدايتون مليون ته ان تي عمل ڪيو ويندو. نعيمه ڪشور خان جي ضمني سوال تي هن چيو ته پوري ملڪ ۾ بي آءِ ايس پي جون آفيسون ۽ سهولت مرڪزون تعلقي سطح تي موجود آهن. غربت جي لڪير جي لاءِ هڪ پيمانو مقرر ڪيو ويو آهي، 32 پوائنٽس کان هيٺ ايندڙن کي 13 هزار رپيا مالي معاونت فراهم ڪئي وڃي ٿي. هن وقت هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ شهرين کي اها امداد فراهم ڪئي وڃي ٿي. رياض فتيانه جي سوال تي هن چيو ته بي آءِ ايس پي جو بجيٽ 716 ارب رپيا آهي. احمد سليم صديقي جي ضمني سوال تي هن چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم ايز جي هدايتن جي روشنيءَ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مالي معاونت ڪئي وڃي ٿي، هي انڪم سپورٽ جو پروگرام آهي.

مزید خبریں