پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو چوٿون اجلاس

اسلام آباد - 22 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو چوٿون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري يورپ عائشه علي ڪئي جڏهن ته بيلجيئم جي وفد جي سربراهي ڊائريڪٽر جنرل برگٽ اسٽيونز ڪئي. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي واپار، سيڙپڪاري، تعليم، صحت جي …

اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو چوٿون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري يورپ عائشه علي ڪئي جڏهن ته بيلجيئم جي وفد جي سربراهي ڊائريڪٽر جنرل برگٽ اسٽيونز ڪئي. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي واپار، سيڙپڪاري، تعليم، صحت جي شعبي ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري يورپ پاڪستان جي لاءِ جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي مسلسل حمايت تي بيلجيئم جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. علائقائي ۽ عالمي معاملن جيڪي گڏيل دلچسپي رکندڙ آهن، تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيلجيئم جي وفد پرڏيهي سيڪريٽري پڻ ملاقات ڪئي. ڌرين ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ مشاورت جي اڳئين دور جي انعقاد تي اتفاق ڪيو جيڪو 2027ع ۾ برسلز ۾ منعقد ٿيندو.

مزید خبریں