ڊيووس-22 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ڊيووس ۾ اعليٰ سطحي بزنس رائونڊ ٽيبل جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ نيسلي پاڪستان ۾ 60 ملين ڊالرن جي اضافي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ان اجلاس ۾ عالمي سطح جي مشهور ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسرن ۽ سينئر قيادت شرڪت ڪئي، …
عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي منعقد بزنس رائونڊ ٽيبل ۾ نيسلي جو پاڪستان ۾ 60 ملين ڊالرن جي اضافي سيڙپڪاري جو اعلان

مزید خبریں
ڊيووس-22 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ڊيووس ۾ اعليٰ سطحي بزنس رائونڊ ٽيبل جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ نيسلي پاڪستان ۾ 60 ملين ڊالرن جي اضافي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ان اجلاس ۾ عالمي سطح جي مشهور ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسرن ۽ سينئر قيادت شرڪت ڪئي، جتي پاڪستان جي سڌارن جو رخ، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ ڊگهي مدي واري ترقي جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هي بزنس رائونڊ ٽيبل پاڪستان حڪومت طرفان گهڻ قومي سيڙپڪارن سان جاري رابطن جو حصو هو، جنهن جو مقصد پاليسي ۾ تسلسل، معيشت جي دستاويزي شڪل ۽ پائيدار، روانگي واپار تي ٻڌل ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. اجلاس ۾ نمايان اڳڀرائي نيسلي جي ايگزيڪيٽو وائيس پريذيڊنٽ ۽ ايشيا، اوشيانا ۽ آفريقا جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ريمي ايجل طرفان پاڪستان ۾ 60 ملين آمريڪي ڊالر جي اضافي سيڙپڪاري جي اعلان جي صورت ۾ سامهون آئي. هن چيو ته نيسلي پاڪستان ۾ پنهنجي سرگرمين ۾ ڀرپور واڌ ڪندي، جيڪو پاڪستان سان ڪمپني جي ڊگهي مدي واري عمل جو ثبوت آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته نيسلي پاڪستان کي علائقائي پيداوار ۽ روانگي واپار جي مرڪز طور استعمال ڪندي، جتان 26 ملڪن کي شيون امپورٽ ڪيون وينديون. ريمي ايجل پاڪستان جي معاشي رخ تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته ايندڙ سالن ۾ پاڪستان ۾ نيسلي جي ڪاروبار ۾ نمايان ترقي متوقع آهي، هي اعلان نيسلي ۽ ناڻي واري وفاقي وزير وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل تازي ملاقات جو تسلسل آهي، جتي ڪمپني مقامي پيداوار، جديد مينوفيڪچرنگ، پائيداري ۽ زرعي شعبي ۾ بهتري تي ٻڌل پنهنجي حڪمت عملي اڳڀرائي ڪئي هئي، نيسلي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مينوفيڪچرنگ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، جنهن ۾ خودڪار فيڪٽريون، تجديد جوڳي توانائي جو وڌندڙ استعمال، بهتر پيڪيجنگ ۽ ڊجيٽل سپلائي چين شامل آهن، جنهن سان لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ ماحولياتي اثرن ۾ بهتري آئي آهي، ريمي ايجل نيسلي جي عالمي حيثيت تي روشني وجهندي ٻڌايو ته هي ڪمپني 180 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ان جا 277 هزار کان وڌيڪ ملازم آهن، جڏهن ته 2025ع ۾ ان جي عالمي آمدني اٽڪل 114.25 ارب آمريڪي ڊالر رهي. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي، غذائي ضرورتن ۽ ويليو ايڊڊ فوڊ سيڪٽر ۾ موقعا، ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ڪامياب ترقياتي ماڊلز سان هڪجهڙائي رکن ٿا، وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب نيسلي جي سيڙپڪاري جي اعلان کي پاڪستان جي معاشي سڌارن ۽ معيشت جي دستاويزي شڪل طرف اعتماد جو مضبوط اظهار قرار ڏنو. هن ٽيڪس نظام کي مضبوط بڻائڻ، پاليسي ۾ تسلسل برقرار رکڻ ۽ نجي شعبي سان مسلسل رابطن ذريعي ذميواراڻي ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزارت تحت قائم ٽيڪس پاليسي آفيس به شامل آهي. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ گهٽ لاڳت غذائيت، ماحولياتي تبديلي موجب ڊيري، مقامي ذريعن مان ڪچي مال جي فراهمي ۽ روانگي واپار تي ٻڌل مينوفيڪچرنگ جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ حڪومت پاڪستان کي علائقائي پيداوار ۽ عالمي ويليو چينز لاءِ چٽاڀيٽي مرڪز بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.











