پي ڊي ايم اي بلوچستان پاران صوبي ۾ مختلف علائقن ۾ برسات، برفباري، طوفان ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي، الرٽ جاري

ڪوئيٽا-22 جنوري (اي پي پي)صوبائي ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) بلوچستان اولهندي هوائن جي هڪ طاقتور سلسلي سبب صوبي جي مختلف علائقن ۾ برفباري، طوفان ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. هي موسمي نظام 21 کان 22 جنوري 2026ع دوران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، جنهن سبب زندگي جي معمول متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب ڪوئيٽا، زيارت، …

ڪوئيٽا-22 جنوري (اي پي پي)صوبائي ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) بلوچستان اولهندي هوائن جي هڪ طاقتور سلسلي سبب صوبي جي مختلف علائقن ۾ برفباري، طوفان ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. هي موسمي نظام 21 کان 22 جنوري 2026ع دوران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، جنهن سبب زندگي جي معمول متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب ڪوئيٽا، زيارت، قلعه سيف الله، پشين، قلعه عبدالله، نوشڪي، هرنائي، زوب ۽ چمن ۾ وچولي کان شديد برفباري متوقع آهي، ان کانسواءِ ڪوئيٽا، زيارت، پشين، گوادر، حب ۽ لسٻيله سميت ٻين علائقن ۾ برسات ۽ گجگوڙ سان گڏ تيز هوائون لڳڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي شهرين، سياحن ۽ مسافرن کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ، جڏهن ته آبادگارن کي موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي زرعي سرگرمين جي منصوبابندي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو شديد برسات ۽ برفباري دوران محفوظ هنڌن تي رهن.پي ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻ جون هدايتون به جاري ڪري ڇڏيون آهن.

مزید خبریں