پاڪستان جي سلامتي سڀ کان افضل آهي: ساجد مهدي

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) پارلياماني سيڪريٽري ساجد مهدي چيو آهي ته پاڪستان جي سلامتي سڀ کان اول آهي ان تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو، سيڪيورٽي خطرن جي صورت ۾ جيڪڏهن 24 ڪلاڪ به انٽرنيٽ ۽ موبائل بند ڪرڻي پئي ته اهو اسان ڪنداسين، پي ٽي اي جي هدايتن تي ڪمپنين انٽرنيٽ ۽ موبائل ڪنيڪشن جي فراهميءَ ۾ ساليانو 3 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن …

اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) پارلياماني سيڪريٽري ساجد مهدي چيو آهي ته پاڪستان جي سلامتي سڀ کان اول آهي ان تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو، سيڪيورٽي خطرن جي صورت ۾ جيڪڏهن 24 ڪلاڪ به انٽرنيٽ ۽ موبائل بند ڪرڻي پئي ته اهو اسان ڪنداسين، پي ٽي اي جي هدايتن تي ڪمپنين انٽرنيٽ ۽ موبائل ڪنيڪشن جي فراهميءَ ۾ ساليانو 3 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران سيد طارق حسين جي سوال تي هن ايوان کي ٻُڌايو ته گهرو وزارت سمورن ڌُرين طرفان درخواستن تي انٽرنيٽ جي بندش لاءِ پي ٽي اي سان رابطو ڪري ٿي ۽ پي ٽي اي آپريٽرز ذريعي ان فيصلي تي عملدرآمد ڪري ٿي. هن ٻُڌايو ته ٽيلي ڪام آپريٽرز جنهن ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن لميٽيڊ، ٽرانسميشن وائرليس آپريٽرز، موبائل آپريٽرز، لانگ ڊسٽنس ۽ عالمي لانگ ڊسٽنس آپريٽرز شامل آهن. پنهنجي لائسنس ذميدارين تحت گڏيل طور تي ويب مانيٽرنگ سسٽم ڪيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي طرفان انٽرنيٽ ٽريفڪ کي بند ڪرڻ يا انهن جو رفتار گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڪو نظام لاڳو نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته ويب مانيٽرنگ سسٽم پنهنجي ذميدارين تحت گري ٽريفڪ جي روڪٿام ۽ اعتراض جوڳي مواد جي روڪٿام ڪري رهي آهي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي کي اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام جي ايڪٽ 2016ع جي قلم 37 (هڪ) تحت غير قانوني آن لائن مواد کي هٽائڻ يا بلاڪ ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. هن چيو ته انٽرنيٽ نجي ڪمپنيون فراهم ڪري رهيون آهن ۽ هو فزيبلٽي کي ڏسي ڪم ڪن ٿيون. حڪومت يو ايس ايف ذريعي ڏورانهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي فراهميءَ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. عاليه ڪامران جي ضمني سوال تي هن چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي مڪمل قيام کانپوءِ انٽرنيٽ جو مسئلو نه هوندو. حڪومت صوبي ۾ يو ايس ايف ذريعي انٽرنيٽ فراهم ڪري رهي آهي. شازيه مري جي سوال تي هن چيو ته اسان جون خدمتون پوري پاڪستان ۾ ناهن. گهرو وزارت جي هدايتن ۽ درخواست تي موبائل سگنل بند ڪيا وڃن ٿا. پي ٽي اي ڪنهن اطلاع يا هدايت کان سواءِ فون يا انٽرنيٽ بند نٿي ڪري. شهريار آفريدي ۽ سيد طارق حسين جي سوالن تي هن چيو ته پي ٽي اي ريگيوليٽر طور ڪم ڪري رهي آهي. پي ٽي اي جي هدايتن تي ڪمپنيون انٽرنيٽ ۽ موبائل ڪنيڪشن جي فراهميءَ ۾ ساليانو ٽن سالن جي واڌ ڪري رهيون آهن. پاڪستان جي سلامتي سڀ کان افضل آهي، ان تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو، سيڪيورٽي خطرن جي صورت ۾ جيڪڏهن 24 ڪلاڪ به انٽرنيٽ ۽ موبائل بند ڪرڻي پئي ته اهو ڪنداسين.

مزید خبریں