اسلام آباد- 22 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي سالياني چونڊن ۾ نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ عمران وسيم کي صدر، امانت رضا گشڪوري کي جنرل سيڪريٽري، ابرار استوري کي نائب صدر، عابد نثار کي ناڻي وارو سيڪريٽري، سحرش خان …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي سالياني چونڊن ۾ نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪُون

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي سالياني چونڊن ۾ نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ عمران وسيم کي صدر، امانت رضا گشڪوري کي جنرل سيڪريٽري، ابرار استوري کي نائب صدر، عابد نثار کي ناڻي وارو سيڪريٽري، سحرش خان کي اطلاعات سيڪريٽري جڏهن ته زاهد شريف، رئوف بزمي ۽ سبين شهباز کي ايگزيڪيوٽو باڊي جا ميمبر چونڊجڻ تي دلي مبارڪباد ڏني. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ هڪ اهم ۽ باوقار صحافتي فورم آهي جيڪو عدالتي رپورٽنگ ۾ پيشيواراڻي قدرن، ذميوار صحافت ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته نئين چونڊيل قيادت صحافي برادري جي ڀلائي، پيشيواراڻي حقن جي تحفظ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير نئين چونڊيل عهديدارن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت صحافين جي آزادي، تحفظ ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور تعاون جاري رکندي.











