اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجينئر امير مقام چيو آهي ته ڳالهين وارو عمل ئي عوامي مسئلن جي حل جو واحد اثرائتو رستو آهي. وفاقي وزير انجنيئر امير مقام هڪ ڀيرو ٻيهر جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي کي ڳالهين ۾ ويهڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ صحت ڪارڊ پروگرام بحال ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف …
ڳالهين وارو عمل ئي عوامي مسئلن جي حل جو واحد رستو آهي: وفاقي وزير انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجينئر امير مقام چيو آهي ته ڳالهين وارو عمل ئي عوامي مسئلن جي حل جو واحد اثرائتو رستو آهي. وفاقي وزير انجنيئر امير مقام هڪ ڀيرو ٻيهر جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي کي ڳالهين ۾ ويهڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ صحت ڪارڊ پروگرام بحال ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته صحت ڪارڊ پروگرام سان عوام کي معياري طبي سهولتن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. وزيراعظم پاڪستان پاران تعليم جي شعبي ۾ بنا ڪنهن مطالبي جي وڏا منصوبا شروع ڪيا ويا، آزاد ڪشمير ۾ هن وقت 5 دانش اسڪولن تي ڪم جاري آهي، هن چيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم، تعليمي سڌارن ۽ ٻين ترقياتي منصوبن تي پڻ اڳڀرائي جاري آهي. آزاد ڪشمير جي عوام کي ترجيحي بنيادن تي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ڳالهين جي نتيجي ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي جا اڪثر مطالبا پورا ڪيا ويا آهن پر افسوس آهي ته جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي ٻن اهم اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪئي. هن عوامي ايڪشن ڪميٽي کي اپيل ڪئي آهي ته ايندڙ اجلاس ۾ شريڪ ٿي سنجيده ڳالهيون ڪري. هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي اميدن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. وفاقي وزير چيو ته گڏيل مشاورت ۽ تعاون سان ئي آزاد ڪشمير جي مسئلن جو پائيدار حل ممڪن آهي. وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.











