اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 800 روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 5 لک 562 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز ايجنڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 800 روپين جي لاٿ کانپوءِ في تولو سون 5 لک 5 هزار 562 روپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 800 روپين جي لاٿ

مزید خبریں
اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 800 روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 5 لک 562 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز ايجنڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 800 روپين جي لاٿ کانپوءِ في تولو سون 5 لک 5 هزار 562 روپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 686 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 34 هزار 123 روپين کان گهٽجي 4 لک 33 هزار 437 روپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 97 هزار 960 روپين کان گهٽجي 3 لک 97 هزار 331 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته في تولو چاندي جي قيمت 30 رپين جي لاٿ کانپوءِ 9 هزار 903 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 25 روپين جي لاٿ کانپوءِ 8 هزار 490 روپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4 هزار 713 ڊالرن کان گهٽجي 4 هزار 840 ڊالر ٿي وئي.











