ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ بلغاريا نيوز ايجنسي (بي ٽي اي) ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون

اسلام آباد - 22 جنوري (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ بلغاريه جي نيوز ايجنسي (بي ٽي اي) خبرن جي مٽاسٽا ۽ ويجهي اداراجاتي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن. معاهدي جا مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ معلومات جي وهڪري کي يقيني بڻائڻ ۽ پڙهندڙن کي ٻنهي طرفن کان معتبر خبرن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مد ڪرڻ …

اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ بلغاريه جي نيوز ايجنسي (بي ٽي اي) خبرن جي مٽاسٽا ۽ ويجهي اداراجاتي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن. معاهدي جا مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ معلومات جي وهڪري کي يقيني بڻائڻ ۽ پڙهندڙن کي ٻنهي طرفن کان معتبر خبرن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مد ڪرڻ آهي. اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ۽ بي ٽي اي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪريل والچيو ايم او يو تي صحيحيون ڪيون. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري اشفاق خليل ۽ بلغاريه جي سفير ارينا گانچيوا جي موجودگي ۾ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون. هي معاهدو ٻنهي قومي خابرو ادارن وچ ۾ تعاون جو فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو. ايم او يو تحت اي پي پي ۽ بي ٽي اي باقاعدگي سان خبرن جي مواد، تصويرن ۽ اداره جاتي تعاون جو سهڪار ڪندا. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي جنهن کانپوءِ خبرن جي پهچ ۾ اي پي پي جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ بابت ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي.

ان موقعي تي خاص مهمان سڌ سماءَ وارو سيڪريٽري اشفاق خليل چيو ته پاڪستان ۽ بلغاريه وچ ۾ گڏيل احترام ۽ تعاون تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته اي پي پي ۽ بي ٽي اي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحيون ٻطرفن لاڳاپن خاص ڪري ميڊيا جي شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. هي ايم او يو ٻنهي رياستي خابرو ايجنسين وچ ۾ تعاون لاءِ هڪ واضح فريم ورڪ فراهم ڪندو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هي معاهدو پاڪستان ۽ بلغاريه وچ ۾ تعاون ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جون راهون کوليندو.

اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي بلغاريه جي مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون پاڪستان ۽ بلغاريه وچ ۾ ميڊيا تعاون جي هڪ نئين دور جي نشاندهي ڪري ٿو. ان سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عڪاسي ٿئي ٿي. هن چيو ته اي پي پي ۽ بي ٽي اي جو گڏيل مقصد پنهنجي پڙهندڙن کي درست ۽ وقت سر معلومات فراهم ڪرڻ آهي. ان ايم او يو ذريعي ٻئي نيوز ايجنسيون پنهنجي ڪوريج کي وڌائڻ لاءِ وسيلن، تجربن ۽ مواد جو سهڪار ڪري سگهنديون. ايم ڊي محمد عاصم کچي چيو ته پاڪستان حڪومت ٻين ملڪن سان ميڊيا تعاون کي هٿي ڏيڻ جي قدمن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي. هن ٻنهي ايجنسين وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ بلغاريه جي ڪردار کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هي معاهدو خبرن جي سهڪار ۽ اداراجاتي رابطي ۾ عملي نتيجن جو سبب بڻجندو. هن بلغاريه جي وفد کي اي پي پي جي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته تقريب ۾ بلغاريه جي سينئر عملدارن جي موجودگي ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿي.

ڊائريڪٽر جنرل ڪريل والچيو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مفاهمت نامي تي صحيح، واعدن کي عملي جامو پارائڻ طرف هڪ عملي قدم آهي. لفظ عمل ذريعي ئي معنيٰ حاصل ڪن ٿا. هن چيو ته هي معاهدو ٻنهي ايجنسين وچ ۾ روزانو جي خبرن جي مٽاسٽا کي يقيني بڻائي تعاون کي اهميت ڏيندو. ڪريل والچيو چيو ته مفاهمت نامي تحت بي ٽي اي ۽ اي پي پي پنهنجي پليٽ فارم تي هڪٻئي جي خبرن ۽ ٻي مواد کي جڳهه فراهم ڪندا. هن چيو ته بي ٽي اي پاڪستان مان اي پي پي جون چونڊ خبرون شايع ڪندو، اهڙي طرح اي پي پي بلغاريه بابت بي ٽي اي جون خبرون کڻندي. هن وڌيڪ چيو ته ان انتظام سان ٻنهي ملڪن جي پڙهندڙن، ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهن، سياحن ۽ محققن کي مدد ملندي ۽ اهي اعتماد جوڳي معلومات حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ۽ بلغاريه جي سفارتي لاڳاپن جا 60 سال مڪمل ٿيا. اي پي پي ۽ بي ٽي اي وچ ۾ هي پنهنجي نوعيت جو ٻيو معاهدو آهي. هن چيو ته ٻنهي نيوز ايجنسين وچ ۾ تعاون جو پهريون معاهدو بي ٽي اي جي قيام جي ٻن سالن کانپوءِ مارچ 1967ع ۾ ٿيو هو. هن چيو ته بي ٽي اي آرڪائيوز شروعاتي تعاون جي رڪارڊ کي محفوظ ڪيو آهي. ڪريل والچيو چيو ته بي ٽي اي جا هن وقت 50 قومي خابرو ايجنسين سان تعاون جا معاهدا آهن، جن ۾ ايشيا جو وڌيڪ انگ ذڪر جوڳو آهي. هن چيو ته اي پي پي ۽ بي ٽي اي ۾ ڪيتريون ئي هڪجهڙايون آهن جن ۾ انهن جي جديد رياستن جي آزادي کانپوءِ انهن جو قيام به شامل آهي.

بلغاريه جي سفير ارينا گانچيوا چيو ته ايم او يو تي صحيح هڪ اهم ۽ بامعنيٰ لمحو آهي، جنهن ٻنهي ملڪن کي ڳالهين ۽ تعاون ذريعي ويجهو آندو آهي. هن چيو ته موجوده عالمي ماحول ۾ معتبر ۽ پيشيور ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، جتي معلومات تيزي سان سرحد پار منتقل ٿيندي آهي. هن چيو ته رياستي خابرو ايجنسيون هڪ اهڙي وقت ۾ هڪ اهم ذميواري نڀائي رهيون آهن جڏهن معاشرن کي غلط معلومات ۽ اڻ تصديق ٿيل مواد بابت چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته بي ٽي اي ۽ اي پي پي وچ ۾ معاهدو رسمي انتظامن کان اڳتي جو مرحلو آهي ۽ اعتماد جوڳي معلومات ۽ پيشيوراڻي معيارن جي مٽاسٽا ذريعي ويجهي تعاون طرف هڪ قدم جي نمائندگي ڪري ٿو. سفير چيو ته ميڊيا جو تعاون عوام سان ماڻهن جي رابطي ۾ به مددگار ۽ ثقافت، تعليم، معيشت، سائنس ۽ سياحت جهڙن شعبن ۾ موقعن کي اجاگر ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته هي صحيحيون هڪ اهم موقعي تي ٿيون ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ بلغاريه گذريل سال سفارتي لاڳاپن جا 6 ڏهاڪا مڪمل ڪيا آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ گذريل سالن ۾ احترام ۽ تعاون جي بنياد تي لاڳاپا هموار ڪيا آهن. تقريب جي پڄاڻي ٻنهي ڌرين طرفان ان عزم ۽ اعتماد جي اظهار سان ٿي ته منظم خبرن جي مٽاسٽا سان پاڪستان ۽ بلغاريه جي عوام وچ ۾ آگاهي ۽ افهام و تفهيم ۾ بهتري ايندي. تقريب ۾ پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سينئر عملدارن، سينئر صحافين، سفارتڪارن ۽ ٻنهي نيوز ايجنسين جي نمائندن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں