نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڊيووس ۾ ٿائي پرڏيهي وزير سهاسڪ فوانگ ڪيٽ ڪيو سان ملاقات

ڊيووس- 22 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي ٿائي پرڏيهي وزير سهاسڪ فوانگ ڪيٽ ڪيو سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ معاشي، واپار، سيڙپڪاري ۽ زرعي شعبن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم …

ڊيووس- 22 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي ٿائي پرڏيهي وزير سهاسڪ فوانگ ڪيٽ ڪيو سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ معاشي، واپار، سيڙپڪاري ۽ زرعي شعبن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. انهن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي کي پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.

مزید خبریں