اسلام آباد- 22 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي سفارشن جي روشني ۾ سنڌ، لاهور ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جي توثيق ۽ ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جن ڏهه ايڊيشنل ججن جي توثيق جي منظوري ڏني وئي …
صدر پاران سنڌ، لاهور ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جي توثيق ۽ ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي سفارشن جي روشني ۾ سنڌ، لاهور ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جي توثيق ۽ ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جن ڏهه ايڊيشنل ججن جي توثيق جي منظوري ڏني وئي آهي، انهن ۾ جسٽس ميران محمد شاهه، جسٽس مسز تسنيم سلطانه، جسٽس رياضت علي ساهڙ، جسٽس محمد حسن، جسٽس عبدالحميد ڀرڳڙي، جسٽس جان علي جوڻيجو، جسٽس نثار احمد ڀنڀرو، جسٽس علي حيدر ‘آدا’، جسٽس محمد عثمان علي هادي ۽ جسٽس محمد جعفر رضا شامل آهن. صدر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جسٽس خالد حسين شاهاڻي ۽ جسٽس سيد فيض الحسن شاهه جي مدي ۾ ڇهن مهينن جي واڌ جي به منظوري ڏني آهي. صدر لاهور هاءِ ڪورٽ جي جن ايڊيشنل ججن جي توثيق جي منظوري ڏني آهي انهن ۾ جسٽس حسن نواز مخدوم، جسٽس ملڪ وقار حيدر اعواڻ، جسٽس سردار اڪبر علي، جسٽس سيد احسن رضا ڪاظمي، جسٽس ملڪ جاويد اقبال وينس، جسٽس محمد جواد ظفر، جسٽس خالد اسحاق، جسٽس ملڪ محمد اويس خالد، جسٽس چوڌري سلطان محمود، جسٽس تنوير احمد شيخ ۽ جسٽس مسز عبير گل خان شامل آهن.











