مئنيجنگ ڊائريڪٽر اي پي پي محمد عاصم کچي سان بلغاريه نيوز ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪريل ويلچيف جي ملاقات، ٻنهي خابرو ادارن جي وچ ۾ ميڊيا تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 21 جنوري (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي سان بلغاريه نيوز ايجنسي (بي ٽي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل ڪريل ويلچيف ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي خابرو ادارن جي وچ ۾ ميڊيا تعاون جي امڪانن تي خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلغاريا جي سفير ايرينا گانچيوا سان گڏ ”اي پي پي“ هيڊڪوارٽرز جي دوري تي موقعي تي ڊي …

اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي سان بلغاريه نيوز ايجنسي (بي ٽي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل ڪريل ويلچيف ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي خابرو ادارن جي وچ ۾ ميڊيا تعاون جي امڪانن تي خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلغاريا جي سفير ايرينا گانچيوا سان گڏ ”اي پي پي“ هيڊڪوارٽرز جي دوري تي موقعي تي ڊي جي ”بي ٽي اي“ کي اداري جي پيشيواراڻي نظام بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي کيس ”اي پي پي“ خبرن جي پهچ بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته اي پي پي جو وسيع ادارتي نيٽ ورڪ اسلام آباد ۾ هيڊڪوارٽرز کانسواءِ علائقائي بيوروز، اسٽيشنز، ٻاهرئين ملڪ نمائندن ۽ سڄي ملڪ ۾ رپورٽرز جي وڏي نيٽ ورڪ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته اي پي پي دنيا جي 50 کان وڌيڪ ملڪن جي سرڪاري خابرو ايجنسين سان خبرن جي مٽاسٽا جا معاهدا ڪري رکيا آهن، جيڪي عالمي سطح تي پاڪستان جي بيانيي کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن. ڊي جي بي ٽي اي ڪريل ويلچيف پنهنجي ايجنسي جي خبرن جي سرگرمين ۽ ڊيجيٽل سروسز بابت آگاهه ڪيو ۽ اي پي پي سان ويجهي ميڊيا تعاون ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ادارن جي وچ ۾ صحافتي مٽاسٽا پروگرام جي تجويز پڻ پيش ڪئي ته جيئن گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. ان موقعي تي اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي ڊي جي بي ٽي اي کي سرڪاري خابرو اداري جي پهرين دوري جي يادگار طور شيلڊ پيش ڪئي. وفد اي پي پي جي مختلف شعبن، جن ۾ سينٽرل نيوز ڊيسڪ، ڊيٽا سينٽر ۽ اسٽوڊيوز شامل آهن جو دورو پڻ ڪيو. ان موقعي تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ ۽ ڊائريڪٽر نيوز شمائله عندليب پڻ موجود هيون.

مزید خبریں