اين ڊي ايم اي جي انتظام هيٺ اقتصادي تعاون تنظيم جو 2 ڏينهن وارو وزارتي اجلاس شروع ٿي ويو

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) پاڪستان جي نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي جي انتظام هيٺ اقتصادي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جو آفتن جي خطرن جي تدارڪ بابت 10هون وزارتي اجلاس اسلام آباد ۾ شروع ٿي ويو. هي پنهنجي نوعيت جو پهريون اجلاس آهي جنهن جي ميزباني پاڪستان ڪري رهيو آهي. ٻن ڏينهن واري اجلاس جي شروعات اربع ڏينهن اين ڊي ايم اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اعليٰ سطحي ورڪنگ گروپ …

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) پاڪستان جي نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي جي انتظام هيٺ اقتصادي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جو آفتن جي خطرن جي تدارڪ بابت 10هون وزارتي اجلاس اسلام آباد ۾ شروع ٿي ويو. هي پنهنجي نوعيت جو پهريون اجلاس آهي جنهن جي ميزباني پاڪستان ڪري رهيو آهي. ٻن ڏينهن واري اجلاس جي شروعات اربع ڏينهن اين ڊي ايم اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اعليٰ سطحي ورڪنگ گروپ جي ملاقات سان ٿي. ان اهم اجلاس ۾ پاڪستان، ترڪيه، ايران، آذربائيجان، ڪرغزستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان جا وزير، اعليٰ عملدار ۽ عالمي شراڪتدار ڪري رهيا آهن. اجلاس جي پهرين ڏينهن وزارتي اجلاس جي صدارت باضابطه طور تي اين ڊي ايم اي حوالي ڪئي وئي ۽ گڏيل ايجنڊا جي منظوري ڏني وئي. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ آگاهي جي فعال نظام جي اهميت تي زور ڀريو. اجلاس دوران اين ڊي ايم اي پنهنجي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر کي خطي لاءِ گڏيل پليٽ فارم طور استعمال ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ميمبر ملڪن آفتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سمورن ملڪن ۾ گڏيل تربيتي پروگرامن، مشقن ۽ ڄاڻ جي مٽاسٽا کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو ويو. سمورن قدمن کي عالمي معيار جي ”سينڊائي فريم ورڪ“ سان هم آهنگ ڪرڻ اجلاس جي ايجنڊا جو اهم حصو آهي. اجلاس ۾ اي سي او جي علائقائي حڪمت عملي 2025ع کان 2030ع تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي ۽ نائين وزارتي اجلاس کانپوءِ ٿيل اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. پاڪستان طرفان خطي ۾ آفتن جي تدارڪ لاءِ هڪ عالمي معيار جي جديد سينٽر جي قيام جي تجويز به پيش ڪئي وئي. اجلاس جي پهرين ڏينهن ”قراردادِ اسلام آباد“ جي مسودي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي جنهن کي اڄ خميس ڏينهن وزارتي اجلاس ۾ حتمي منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو ويندو. اهو اجلاس موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن کي مُنهن ڏيڻ ۽ علائقائي سطح تي پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ ۾ سنگِ ميل ثابت ٿيندو.

مزید خبریں