انڊويجوئل لينڊ پاڪستان جي پليٽ فارم تحت ميڊيا اينڊ سوڪ انگيجمينٽ انيشيئٽو سان واڳيل 29 رڪني وفد جو پارليامينٽ هائوس جو دؤرو

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) انڊويجوئل لينڊ پاڪستان جي پليٽ فارم تحت ميڊيا اينڊ سوڪ انگيجمينٽ انيشيئٽو سان واڳيل 29 رڪني وفد پارليامينٽ هائوس جو دؤرو ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي عملدارن وفد کي پارليامينٽ هائوس آمد تي ڀليڪار ڪيو. وفد کي سينيٽر جان محمد ۽ قومي اسيمبلي ميمبر پولين بلوچ مٿئين ايوان ۽ قومي اسيمبليءَ جي ڪم جي طريقيڪار، ڪارڪردگي، فنڪشنز، قانونسازي، سينيٽ ميمبرن جي چونڊ طريقي، قومي اسيمبليءَ …

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) انڊويجوئل لينڊ پاڪستان جي پليٽ فارم تحت ميڊيا اينڊ سوڪ انگيجمينٽ انيشيئٽو سان واڳيل 29 رڪني وفد پارليامينٽ هائوس جو دؤرو ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي عملدارن وفد کي پارليامينٽ هائوس آمد تي ڀليڪار ڪيو. وفد کي سينيٽر جان محمد ۽ قومي اسيمبلي ميمبر پولين بلوچ مٿئين ايوان ۽ قومي اسيمبليءَ جي ڪم جي طريقيڪار، ڪارڪردگي، فنڪشنز، قانونسازي، سينيٽ ميمبرن جي چونڊ طريقي، قومي اسيمبليءَ جي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. سينيٽر جان محمد وفد کي مٿئين ايوان جي ڪردار، قانونسازيءَ جي مرحلن، اسٽينڊنگ ڪميٽين جي دائري ڪار ۽ سينيٽ جي ڪم جي طريقيڪار بابت جامع آگاهي فراهم ڪئي. وفد کي ٻُڌايو ويو ته پارلياماني نظام ۾ سينيٽ ڪهڙي طرح وفاق جي علامت طور ڪم ڪري ٿو ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ قانونسازيءَ جو عمل ڪهڙي طرح اڳتي وڌايو ويندو آهي. وفد سينيٽ ميوزيم ۽ گلي دستور جو دؤرو ڪيو. وفد پارلياماني تاريخ بابت ڄاڻ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. ٻئي پاسي قومي اسيمبلي ميمبر پولين بلوچ وفد کي قومي اسيمبليءَ جي ڪردار، قانونسازيءَ جي عمل ۽ پارلياماني نظام بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران هن ڪميٽي سسٽم، مختلف بلن جي تياري، منظوريءَ جي مرحلن ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ بحث هيٺ معاملن تي روشني وڌي. بعد ۾ وفد سينيٽ هال جو به دؤرو ڪيو. وفد ان دؤري کي نهايت ڄاڻ وارو ۽ فائديمند قرار ڏيندي چيو ته اهڙيءَ طرح جا دؤرا نوجوان نسل ۾ جمهوري قدرن، قانونسازي ۽ پارلياماني نظام جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن.

مزید خبریں