چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت هيٺ عدالتي سڌارن تي جائزي وارو اجلاس

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي شهرين کي وقت سر ۽ اثرائتي انصاف جي فراهمي جي ويزن تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ عدالتي سڌارن جي حوالي سان ري فارم ايڪشن پلان تي اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ نائين انٽرايڪٽو اجلاس جي صدارت ڪئي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي جي جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق اجلاس ۾ عدالتي نظام کي جديد رُخن …

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي شهرين کي وقت سر ۽ اثرائتي انصاف جي فراهمي جي ويزن تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ عدالتي سڌارن جي حوالي سان ري فارم ايڪشن پلان تي اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ نائين انٽرايڪٽو اجلاس جي صدارت ڪئي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي جي جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق اجلاس ۾ عدالتي نظام کي جديد رُخن تي آڻڻ، اداري جاتي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ عوامي سهولتن ۾ اضافي بابت ماهوار اڳڀرائيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ۽ سيڪريٽري، رجسٽرار سپريم ڪورٽ، آءِ ٽي ايڊوائيزر همايون ظفر، فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڪيسن جا جلد فيصلا، ڪيس ڪيٽيگرائزيشن، عدالتي رڪارڊ جي ڊجيٽلائزيشن، آءِ ٽي ضم ٿيڻ، مالي وصولين ۽ خرچن جي ڊجيٽل نگراني، آڊٽ نظام ۽ عوامي سهولت جي قدمن تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي آٽوميشن، سافٽ ويئر ۾ بهتري، ڪيو آر ڪوڊ واري تصديق ٿيل ڪاپي، اِي ڪورٽس، ڊيٽا مئنجمينٽ ۽ ايناليٽڪس جي تربيت، اي ڊي آر ۽ مصالحتي پروگرامن بابت به آگاهه ڪيو ويو. چيف جسٽس کي ٻُڌايو ويو ته اي فائلنگ ۽ تصديق ٿيل ڪاپي جي جاري ٿيڻ بابت ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ڪيس ڪيٽيگرائزيشن ايندڙ ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. فائلن جي نگرانيءَ لاءِ بار ڪوڊنگ سسٽم 15 ڏينهن اندر مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ جيل پٽيشنز ۽ موت جي سزا جي اپيلن جي صورتحال جو خاص طور جائزو ورتو ويو. ٻُڌايو ويو ته 26 آڪٽوبر 2024ع تي چيف جسٽس پاڪستان جو عهدو سنڀالڻ وقت موت جي سزا جي ڪيسن جو انگ 384 هو جيڪو هاڻ 107 آهي، ان دوران 172 نوان ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته 449 ڪيس اُڪلايا ويا. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته عمرقيد جا ڪيس به هڪ ئي وقت مقرر ڪيا پيا وڃن. عمرقيد جي ڪيسن جو انگ جيڪو 26 آڪٽوبر 2024ع تي 4160 هو، اهو گهٽ ٿي 3608 ٿي ويو آهي. موت جي سزا جي اپيلن جي فيصلي کان پوءِ بينچز عمرقيد جي ڪيسن جي ٻُڌڻي شروع ڪنديون جن جي شيڊول ۽ انگن جو تعين بعد ۾ ڪيو ويندو. اهو به طئي ڪيو ويو ته 80 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي قيدين جي جيل پٽيشنز، ثبوت جي بنياد تي، بنا جلد ٻُڌڻيءَ جي درخواست جي، ترجيحي بنيادن تي مقرر ڪيون وينديون. ڊي لسٽنگ بابت ٻُڌايو ويو ته عام طور تي ڪيس جي تاريخ کان گهٽ ۾ گهٽ 48 ڪلاڪ اڳ اطلاع ڏنو ويندو جڏهن ته وڪيل ڌُرين کي وقت سر آگاهه ڪرڻ جا پابند هوندا، جيڪڏهن ڪنهن ڪيس کي 24 ڪلاڪ اندر ڊي لسٽ ڪيو وڃي ته (جمعي کانسواءِ) ان کي ٻيهر دستياب بينچ آڏو ٻيهر مقرر يا تقسيم ڪيو ويندو. ٻي صورت ۾ ايندڙ هفتي جي پاليسيءَ مطابق ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته منظور ٿيل 8 نُڪتن واري معيار تي پورو لهندڙ ۽ مڪمل دستاويزن سان داخل ڪيل جلد ٻُڌڻيءَ جون درخواستون سڌيءَ ريت مقرر ڪيون وينديون. وڌيڪ بهتريءَ لاءِ هڪ مهينو اڳ تجويز ڪيل ڪاز لسٽ جاري ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرائڻ جو به فيصلو ٿيو. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته عدالتي رڪارڊ جي ڊجيٽلائزيشن جو عمل وڏي حد تائين مڪمل ٿي چڪو آهي. پبلڪ فيسيليٽيشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي، جڏهن ته اي ڊي آر، مصالحت ۽ اي پيمينٽ جا منصوبا جاري آهن. معياري نظام ۽ ڪوائلٽي انشورنس جو عمل 30 آگسٽ 2026ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته وقت سر ۽ اثرائتي انصاف جي فراهمي آئيني فرض ئي نه پر اخلاقي ذميواري به آهي. هن اي فائلنگ ۽ رڪارڊ جي ڊجيٽلائزيشن ۾ سهڪار تي بار ايسوسيئيشنز جو ٿورو مڃيو ۽ عدالتي ۽ آءِ ٽي شعبن جي ڪاوشن کي ساراهيو. چيف جسٽس شفاف، جديد ۽ برابريءَ واري عدالتي نظام جي قيام لاءِ جدت، ڀائيواري ۽ شموليت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں