پاڪستان هڪ مضبوط ۽ واضح سفارتي مؤقف سان غزه ۾ امن جي قيام لاءِ قائم بورڊ آف پيس ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان هڪ مضبوط ۽ واضح سفارتي مؤقف سان غزه ۾ امن جي قيام لاءِ قائم بورڊ آف پيس ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڏنل دعوت جي قبوليت ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته پاڪستان مظلوم قومن جي حق ۾ عالمي …

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان هڪ مضبوط ۽ واضح سفارتي مؤقف سان غزه ۾ امن جي قيام لاءِ قائم بورڊ آف پيس ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڏنل دعوت جي قبوليت ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته پاڪستان مظلوم قومن جي حق ۾ عالمي سطح تي اثرائتو آواز رکي ٿو. ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پرڏيهي وزارت مطابق اهو فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2803 تحت جنگبندي، انساني تحفظ ۽ غزه جي بحاليءَ کي يقيني بڻائڻ جي عملي ڪوششن جو حصو آهي. پاڪستان واضح طور تي سمجهي ٿو ته وقتي قدم نه پر مستقل ۽ منصفاڻو حل ئي خطي کي پائيدار امن طرف وٺي وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته اسلام آباد هڪ ڀيرو ٻيهر ان اصولي مؤقف جو ورجاءُ ڪيو آهي ته فلسطيني عوام کي سندن خوداراديت وارو حق ملڻ گهرجي ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي قائم آزاد، خودمختيار فلسطيني رياست جنهن جو گاديءَ وارو هنڌ القدس الشريف هجي، ئي امن جي واحد ضمانت آهي.

مزید خبریں