ناڻي واري وفاقي وزير جي ڊيووس ۾ ڪويت جي هم منصب سان ملاقات

ڊيووس-21 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت ٻه طرفي اقتصادي سهڪار جي مجموعي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي ناڻي واري وزير صبيح عبدالعزيز المخيزيم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ اقتصادي …

ڊيووس-21 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت ٻه طرفي اقتصادي سهڪار جي مجموعي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي ناڻي واري وزير صبيح عبدالعزيز المخيزيم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون. ڪويت جي ناڻي واري وزير پاڪستان جي معاشي صلاحيت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ ڪويت جي قدر ۽ احترام کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڪويت روايتي مارڪيٽن کان هٽي ڪري نوان سيڙپڪاري موقعا ڳولي رهيو آهي ۽ پاڪستان کي هڪ پُرڪشش ملڪ سمجهي ٿو جتي افرادي قوت، وڌندڙ مارڪيٽ ۽ نوان موقعا موجود آهن. هن ڊگهي مُدي واري ۽ ڀائيواريءَ تي ٻَڌل سيڙپڪاريءَ جي ڪويت جي ماڊل تي به روشني وڌي. وفاقي وزير پنهنجي ڪويت جي هم منصب کي پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ٻُڌايو ته معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي ۽ اهم معاشي انگن اکرن ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن چيو ته حڪومت جو ڌيان هاڻي پائيدار ۽ جامع ترقيءَ تي آهي ته جيئن ماضيءَ جي معاشي لاهن چاڙهن کان بچي سگهجي. وفاقي وزير پرڏيهي کاتن ۾ بهتري، پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۾ اضافو، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اؤسر ۽ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد کي هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏنو. هن ٻُڌايو ته ملڪ ۾ ڍانچه جاتي سڌارن ۾ نئين رفتار آئي آهي، جن ۾ نجڪاري جا قدم به شامل آهن، جن کي مقامي سيڙپڪارن طرفان ڀرپور دلچسپي حاصل ٿي رهي آهي. هن چيو ته زراعت، معدنيات ۽ـ کاڻيون کوٽڻ، دواسازي ۽ ٽيڪنالاجي جهڙن اهم شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاريءَ جا موقعا سامهون اچي رهيا آهن جيڪي ڊگهي مُدي واري شراڪتداريءَ لاءِ موزون آهن. هن زور ڀريو ته اهي سڌارا پائيدار ترقي ۽ نجي شعبي جي اثرائتي شموليت لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري رهيا آهن. ڪويت جي وزير پاڪستان جي معاشي رُخ تي اميد جو اظهار ڪندي چيو ته ترقيءَ لاءِ گهربل سمورا بنيادي عنصر موجود آهن جن ۾ تربيت يافته، افرادي قوت ۽ وڏي مارڪيٽ شامل آهي. هن ڪويت جي ادارن ذريعي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جا موقعا ڳولڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ ڊگهي مُدي واري سهڪار لاءِ سازگار فريم ورڪ جي اهميت تي زور ڀريو. ڌُرين ٻه طرفي اقتصادي سهڪار جي مجموعي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي به اتفاق ڪيو ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جاري ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته وڌندڙ ٻه طرفن لاڳاپن کي نظر ۾ رکندي مسلسل رابطا ۽ سهڪار اڻٽر آهن ته جيئن اداره جاتي انتظام، وقت جي تقاضائن سان هم آهنگ رهن.

مزید خبریں