سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي، سمنڊن جي تحفظ، بحري انتظام ۾ بهتري ۽ ماحولياتي چئلينجز کي وقت سر مُنهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي: وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري بندرگاهن جي توسيع، سامونڊي تحفظ ۽ ماحولياتي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جديد خلائي نگرانيءَ جو نظام اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. هن چيو ته سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي، سمنڊن جي تحفظ، بحري انتظام ۾ بهتري ۽ ماحولياتي چئلينجز کي وقت سر مُنهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان …

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري بندرگاهن جي توسيع، سامونڊي تحفظ ۽ ماحولياتي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جديد خلائي نگرانيءَ جو نظام اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. هن چيو ته سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي، سمنڊن جي تحفظ، بحري انتظام ۾ بهتري ۽ ماحولياتي چئلينجز کي وقت سر مُنهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ايٽماسفيئر ريسرچ ڪميشن (اسپارڪو) جي هيڊ ڪوارٽرز جي دؤري دوران ڪيو. دؤري جي موقعي تي اسپارڪو جي چيئرمين يوسف خان ۽ اعليٰ عملدارن وفاقي وزير کي اداري جي نظام، سائنسي سرگرمين ۽ فني صلاحيتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ سيٽلائيٽ مانيٽرنگ، بحري تحفظ ۽ بندرگاهن جي انتظام ۾ اسپارڪو جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. وفاقي وزير کي نئين بندرگاهن جي قيام لاءِ امڪاني هنڌن جو سيٽلائيٽ تي ٻَڌل جائزو به پيش ڪيو ويو جيڪو ملڪ ۾ بحري انفراسٽرڪچر جي توسيع جي حڪمت عمليءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. ان کان علاوه قومي سامونڊي حدن ۾ رليف ۽ ريسڪيو آپريشنز جي منصوبن تي به ڳالهيون ڪيون ويون، جن ۾ سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت ذريعي ردِعمل جي وقت ۽ آپريشنل ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ جون تجويزون شامل هيون. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ماحولياتي چئلينجز، موسمياتي تبديلي جي اثرن ۽ سامونڊي علائقن کي درپيش قدرتي آفتن جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي اڻٽر ٿي چڪي آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي قومي بحري پاليسين کي عالمي ماحولياتي تحفظ جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪري رهيو آهي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان اوشن بايو ڊائيورسٽي ٽريٽي جو ميمبر آهي ۽ قومي دائره اختيار کان ٻاهر سامونڊي حيات جي تحفظ سميت عالمي سطح تي سامونڊي ماحولياتي نظام جي تحفظ جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. ان موقعي تي سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ اسپارڪو وچ ۾ سهڪار کي باضابطه شڪل ڏيڻ تي به غور ڪيو ويو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته جلد ئي هڪ صحيح واري تقريب ذريعي گڏيل منصوبن لاءِ منظم فريم ورڪ قائم ڪيو ويندو، جڏهن ته رابطن ۽ عملدرآمد کي اثرائتو بنائڻ لاءِ فوڪل پرسنز به نامزد ڪيا ويندا. اسپارڪو عملدارن سامونڊي شعبي ۾ هاءِ ريزوليشن سيٽلائيٽ اميجري، ڊجيٽل ماڊلنگ ذريعي مينگرووز جي نگراني، بحري ٽريفڪ جي ٽريڪنگ ۽ سامونڊي علائقن ۾ تيل جي نڪرڻ جي وقت سر نشاندهيءَ بابت صلاحيتن کان به آگاهه ڪيو. وفاقي وزير قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ ۾ اسپارڪو جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته وقت سر وارننگ سسٽمز سامونڊي آبادين کي شديد موسمي حالتن کان اڳ خبردار ڪري قيمتي زندگيون بچائڻ ۽ معاشي نقصان گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. عملدارن مطابق مسلسل مانيٽرنگ سسٽمز سامونڊي گدلاڻ، سامونڊي پاڻيءَ جي زميني علائقن ۾ داخلا ۽ ماحولياتي ضابطن تي عملدرآمد کي يقيني بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته سامونڊي ماحولياتي نظام جي مسلسل نگرانيءَ سان پاڻيءَ جي معيار ۽ مجموعي ماحولياتي صحت جو بهتر اندازو ممڪن آهي، جڏهن ته ڊيٽا تي ٻَڌل فيصلا سامونڊي شعبي ۾ اثرائتي پاليسي سازيءَ لاءِ اڻٽر آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديليءَ سبب پاڪستان جي سامونڊي سطح ۾ اضافو ۽ شديد موسمي واقعن جهڙن خطرن ۾ گهيريل آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي سامونڊي ادارن ۽ سائنسي تنظيمن وچ ۾ مضبوط ڀائيواري وقت جي اهم ضرورت آهي.

مزید خبریں