اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته اضافي پيداوار سبب حڪومت گذريل سال آبادگارن ۽ شوگر انڊسٽريءَ کي مالي نقصان کان بچائڻ لاءِ کنڊ جي روانگي واپار جي اجازت ڏني، جڏهن ته بعد ۾ صارفين جي مفاد ۾ قيمتن کي مستحڪم رکڻ لاءِ محدود آمدني واپار جي منظوري ڏني وئي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن واري وقفي دوران …
اضافي پيداوار سبب حڪومت کنڊ جي روانگي واپار جي اجازت ڏني، قيمتن تي ضابطو آڻڻ صوبائي حڪومتن جي ذميداري آهي: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين

مزید خبریں
اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته اضافي پيداوار سبب حڪومت گذريل سال آبادگارن ۽ شوگر انڊسٽريءَ کي مالي نقصان کان بچائڻ لاءِ کنڊ جي روانگي واپار جي اجازت ڏني، جڏهن ته بعد ۾ صارفين جي مفاد ۾ قيمتن کي مستحڪم رکڻ لاءِ محدود آمدني واپار جي منظوري ڏني وئي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن واري وقفي دوران هن ايوان کي ٻُڌايو ته موسمياتي تبديلين سبب پيداوار جي اندازن ۾ گهٽتائي آئي. شروعاتي طور تي کنڊ جي پيداوار 7 ملين ميٽرڪ ٽن جي لڳ ڀڳ متوقع هئي، جڏهن ته عملي پيداوار اٽڪل 6.8 ملين ميٽرڪ ٽن رهي جيڪا ڪاٿي کان اٽڪل 10 لک ميٽرڪ ٽن گهٽ آهي. گهريلو ضرورتن ۽ ذخيرن کي نظر ۾ رکندي کوٽ پيدا ٿي، جنهن سبب محدود آمدني واپار اڻٽر ٿيو. هن چيو ته وقت سر حڪومتي مداخلت سان قيمت ۾ اضافو رڪجي ويو ۽ اڪثر علائقن ۾ ايتري قدر جو بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ به قيمتون 200 رپيا في ڪلو جي لڳ ڀڳ رهيون. هن ٻُڌايو ته هلندڙ سال کنڊ جي پيداوار 6.8 کان 7 ملين ميٽرڪ ٽن تائين ٿيڻ جي اميد آهي، جنهن سان قيمتن جي استحڪام ۾ وڌيڪ مدد ملندي. هن چيو ته قيمتن جو تعين وفاقي حڪومت جي اختيار ۾ ناهي، جڏهن ته شوگر ايڊوائيزري بورڊ صرف پيداوار جو جائزو وٺي روانگي واپار يا آمدني واپار جي سفارش ڪندو آهي. صحت جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي اٽڪل 40 سيڪڙو آبادي شوگر يا ٻين مرضن جو شڪار آهي جنهن جو هڪ وڏو سبب کنڊ جو ضرورت کان وڌيڪ استعمال آهي. هن عوامي آگاهي وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ ٻُڌايو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ کنڊ تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو آهي. هن ٻُڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ڊي ريگيوليشن بابت اعليٰ سطحي ڪميٽي، جنهن جي قيادت وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري ڪري رهيو آهي. سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ پنهنجي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي. منظوريءَ کانپوءِ حڪومت اينڊ ٽو اينڊ ڊي ريگيوليشن طرف وڌندي. هن ٻُڌايو ته هن ذاتي طور تي شوگر ملز کان آبادگارن جي بقايائن يقيني بنائي. هن ٻُڌايو ته حڪومت اٽڪل 3 لک ٽن کنڊ جي آمدني واپار جي منظوري ڏني، جنهن جي پهريان به ايوان کي آگاهي ڏني وئي آهي. کنڊ مختلف عالمي مارڪيٽن جن ۾ ٿائلينڊ ۽ برازيل کان اوپن ۽ شفاف ٽينڊرنگ ذريعي حاصل ڪئي وئي. ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان تحت ٽينڊرنگ جو پورو عمل شفاف آهي ۽ ان جي سڌيءَ ريت ڪوريج به دستياب هوندي آهي. ڀاڻ جي حوالي سان هن چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ ڀاڻ جي سپلاءِ چين مستحڪم رهي. پٽاٽي ۽ مڪئيءَ بابت هن ٻُڌايو ته عالمي مارڪيٽ ۾ روانگي واپار جو اگهه گهٽ ٿيڻ سبب مقامي قيمتون گهٽ ٿيون آهن. مڪئي جيڪا گذريل سال اٽڪل 100 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي هئي، هاڻي 70 کان 80 رپين وچ ۾ آهي. ڪڻڪ جي معاملي تي هن چيو ته بين الصوبائي چُرپر جا مسئلا صوبن سان گڏجي حل ڪيا پيا وڃن. پاسڪو وٽ وڏي مقدار ۾ ذخيرا موجود آهن ۽ـ سمورن صوبن کي پنهنجي ضرورت مطابق ڪڻڪ کڻڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سان مسلسل رابطو آهي. هن ٻُڌايو ته قومي ڪڻڪ پاليسي چئني وڏن وزيرن جي اتفاق راءِ سان منظور ٿي چڪي آهي، جنهن تحت ايندڙ بين الصوبائي چُرپر تي پابنديون ختم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مسلسل رابطو ۽ ڄاڻ جي ڏي وٺ جاري آهي ته جيئن قومي غذائي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. جڏهن ته هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ٻڌايو ته فوڊ سيفٽي ۽ معائني جو نظام صوبائي فوڊ اٿارٽيز جي ذميواري آهي، جيڪا سمورن صوبن ۾ قائم ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته پنجاب ان حوالي سان پهريون صوبو هو جتي فوڊ سيفٽي اٿارٽي قائم ڪئي وئي، جيڪا هاڻي باقائدگي سان ريسٽورنٽس، گوشت جي دوڪانن ۽ ٻين فوڊ آئوٽ ليٽس جو معائنو ڪندي آهي. هن چيو ته پاڪستان گوشت جو روانگي واپار وڌائڻ لاءِ چوپائي مال جي صحت بابت مسئلن، خاص ڪري مهاڙي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، پنجاب ۾ 15 ايف ايم ڊي فري زونز قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي ايندڙ 3 سالن ۾ مڪمل طور تي عالمي معيار تي پورو لهندا، جنهن سان عالمي مارڪيٽن تائين پهچ ۾ بهتري ايندي. هن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت سالياني ترقياتي پروگرام تحت 7.3 ارب روپين جو منصوبو منظور ڪيو آهي، جنهن جو مقصد چوپائي مال جي بيمارين، جن ۾ ايف ايم ڊي ۽ پولٽري بابت مرضن جي نگراني، سڃاڻپ ۽ علاج کي مضبوط بنائڻ آهي، ان منصوبي سان روانگي واپار ۾ اضافو ۽ مقامي سطح تي گوشت جي فراهمي بهتر ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ اٽڪل 45 سيڪڙو گوشت مقامي طور تي استعمال ٿيندو آهي. پولٽري گوشت جي قيمتن بابت سوال تي وفاقي وزير واضح ڪيو ته قيمتن جو تعين صوبائي معاملو آهي ۽ وفاقي حڪومت ان ۾ مداخلت ناهي ڪندي. هن چيو ته سمورن صوبن وٽ پنهنجو پنهنجو پرائيس ڪنٽرول ۽ لاڳو ڪرڻ جو نظام موجود آهي. هن اسميبلي ميمبرن کي مشورو ڏنو ته هو قيمتن بابت مسئلا پنهنجي لاڳاپيل صوبائي حڪومتن آڏو رکن. افغانستان سان سرحد جي بندش بابت سوال تي وفاقي وزير چيو ته ان سان مجموعي واپاري سرگرمين تي اثر پيو، ان ڪري متبادل رستا ۽ طريقيڪار اختيار ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته نارنگي ۽ پٽاٽي جهڙن فصلن کي ڏکيائيون درپيش هيون،پر ايران ذريعي متبادل رستا ڳولهيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 50 لک ڊالر جو روانگي واپار ممڪن ٿيو، پولٽري روانگي واپار متاثر ٿيڻ جي ڪا وڏي شڪايت ناهي ملي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت روانگي واپار تي ٻڌل معيشت کي هٿي وٺرائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت چانور، نارنگي، مڪئي ۽ ٻين زرعي فصلن سميت سمورن شعبن جي روانگي واپار جي نگراني ڪري ٿي ۽ ڪنهن به کوٽ يا دير جي صورت ۾ فوري قدم کنيا ويندا آهن.











