اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل شموليت کي هٿي وٺرائڻ طرف هڪ اهم قدم تحت يونيورسل سروس فنڊ جاز سان 1.16 ارب رپين جي ماليت جي معاهدن تي صحيحيون ڪيون، جنهن تحت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي 9 ضلعن ۾ تيز رفتار براڊ بينڊ سروس فراهم ڪئي ويندي، انهن منصوبن جو مقصد وزيراعظم جي ويزن ڊجيٽل پاڪستان تحت 6 کان 18 مهينن دوران 5 لک …
يونيورسل سروس فنڊ ۽ جاز وچ ۾ 1.16 ارب رپين جي ماليت جي معاهدن تي صحيحيون

مزید خبریں
اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل شموليت کي هٿي وٺرائڻ طرف هڪ اهم قدم تحت يونيورسل سروس فنڊ جاز سان 1.16 ارب رپين جي ماليت جي معاهدن تي صحيحيون ڪيون، جنهن تحت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي 9 ضلعن ۾ تيز رفتار براڊ بينڊ سروس فراهم ڪئي ويندي، انهن منصوبن جو مقصد وزيراعظم جي ويزن ڊجيٽل پاڪستان تحت 6 کان 18 مهينن دوران 5 لک 33 هزار کان وڌيڪ ٻهراڙي جي آباديءَ کي انٽرنيٽ جي تيز رفتاري فراهم ڪرڻ آهي. معاهدن تحت صحيحين واري تقريب يو ايس ايف هيڊ آفيس اسلام آباد ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. 4 نيڪسٽ جنريشن براڊ بينڊ فار سسٽين ايبل ڊولپمينٽ منصوبن لاءِ معاهدن تي يو ايس ايف جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر چوڌري مدثر نويد ۽ جاز جي سي اي او عامر ابراهيم صحيحيون ڪيون. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته حڪومت صرف معاهدا ناهي ڪري رهي پر هڪ ڊجيٽل نيشن جو بنياد رکي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار ۽ عالمي ٽيڪنالاجي شراڪتدارين ۾ تاريخي اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، جڏهن ته ڪنيڪٽوٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اسپيڪٽرم نيلاميءَ جا آخري مرحلا ۽ 5 -جي لانچ ڪرڻ جون تياريون جاري آهن. هن چيو ته منهنجو پُختو مشن اهو آهي ته آءِ سي ٽي جي شعبي ۾ هر سطح تي ترقيءَ کي هٿي وٺرائي وڃي، اڄ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ غير معمولي اڳڀرائي ٿي رهي آهي، اهي منصوبا ٻهراڙي وارن علائقن جي پُراڻي ڪنيڪٽوٽي جي مسئلن جي حل طرف هڪ ٺوس قدم آهن. هن انڪشاف ڪيو ته يو ايس ايف صرف گذريل 6 مهينن ۾ 20.54 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي منصوبن جي منظوري ڏني آهي ۽ اعلان ڪيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ 6 منصوبا شروع ڪيا ويندا، جنهن سان قومي سطح تي براڊ بينڊ نيٽ ورڪ ۾ بهتري ايندي. نَون منصوبن تحت مين لاٽس ۾ پنجاب جو چنيوٽ ۽ ڪي پي ڪي جو ايبٽ آباد ضلعا شامل آهن، جڏهن ته سمال لاٽس تحت اٽڪ، سرگوڌا، خوشاب، بهاولنگر، فيصل آباد، شيخوپوره ۽ حافظ آباد کي ڪور ڪيو ويندو. انهن منصوبن ذريعي 203 ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تقريبن 5 لک 33 هزار ماڻهن کي ڪنيڪٽوٽي جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته منصوبن تي عملدرآمد 6 کان 18 مهينن جي رڪارڊ عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويندو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته رفتار ۽ شفافيت حڪومت جي پهرين ترجيح رهندي. يو ايس ايف جي قومي خدمتن کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير چيو ته هاڻ تائين يو ايس ايف جي مجموعي سيڙپڪاري 136.7 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي جن ۾ 95.27 ارب رپين جا 107 براڊ بينڊ منصوبا شامل آهن جن ذريعي 3 ڪروڙ 94 لک ماڻهن کي ڪنيڪٽوٽي فراهم ڪئي وئي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته يو ايس ايف 41.43 ارب رپين جي لاڳت سان 19169 ڪلوميٽر آپيٽيڪل فائبر ڪيبل وڇائي آهي جڏهن ته موٽر ويز ۽ قومي شاهراهن جي 2585 ڪلوميٽرن جي حصي تي تيز رفتار انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ يو ايس ايف جي سي اي او چوڌري مدثر نويد چيو ته پاڪستان جي 61.6 سيڪڙو آبادي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ رهي ٿي، ان لاءِ ڊجيٽل خال کي ختم ڪرڻ هڪ قومي ضرورت آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن ڊجيٽل پاڪستان ۽ وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ يو ايس ايف جي چيئرمين ۽ آءِ ٽي سيڪريٽري ضرار هاشم خان جي اڳواڻيءَ ۾ يو ايس ايف رٿائن تي عملدرآمد جي رفتار نمايان طور تي تيز ڪئي آهي. جاز جي سي اي او عامر ابراهيم حڪومت جي اعتماد جي شڪريو ادا ڪندي چيو ته جاز کي انهن چئن اسٽريٽجڪ منصوبن جي ملڻ تي فخر آهي. هن چيو ته اها ڀائيواري ان ٽيڪنالاجي کان محروم عوام کي بااختيار بنائڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي فائدن کي ٻهراڙي جي علائقن جي دل تائين پهچائڻ اسان جي گڏيل عزم جي علامت آهي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت جدت ۽ سڄي ملڪ کي ڪنيڪٽوٽي ذريعي نوجوانن لاءِ هڪ روشن مستقبل يقيني بنائڻ لاءِ تيزي ۽ درستگي سان اڳتي وڌي رهي آهي. تقريب ۾ آءِ ٽي واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري سبين غوري، اسپيشل سيڪريٽري سيد عمار نقوي، ٽيلي ڪام جو ميمبر جهازيب رحيم ۽ ايس آءِ ايف سي جي برگيڊيئر (ر) نادر حسين کان علاوه آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت، يو ايس ايف، جاز ۽ آءِ سي ٽي شعبي سان تعلق رکندڙ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











