قومي اسيمبلي پاران چونڊ ترميمي بل 2025ع منظور

اسلام آباد- 21 جنوري (اي پي پي)قومي اسيمبلي چونڊ ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي.  قومي اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽي جي شازيه مري بل جي حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ۽ بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن رپورٽ ۽ بل ايوان ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ايوان، بل جي شق وار منظوري ڏئي ڇڏي. بل تحت اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ اهم ترميمون ڪيون ويون آهن. انهن ترميمن جو …

اسلام آباد- 21 جنوري (اي پي پي)قومي اسيمبلي چونڊ ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي.  قومي اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽي جي شازيه مري بل جي حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ۽ بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن رپورٽ ۽ بل ايوان ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ايوان، بل جي شق وار منظوري ڏئي ڇڏي. بل تحت اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ اهم ترميمون ڪيون ويون آهن. انهن ترميمن جو مقصد شفافيت کي برقرار رکندي پارليامينٽ جي ميمبرن جي انفرادري حقن ۽ نجي زندگي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي، بل تحت اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ اهڙيون تبديليون متعارف ڪرايون ويون آهن جيڪي عوامي احتساب ۽ پارليامينٽيرينز جي پرائيويسي وچ ۾ توازن قائم ڪري رهيون آهن، بل جي هڪ اهم شق تحت قانوني حوالن کي وفاقي آئيني عدالت سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں