پاڪستان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 21 جنوري (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ بورڊ آف پيس (بي او پي) ۾ شموليت جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي. آمريڪا جي صدر ڊونلڊ جي ٽرمپ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بي او پي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2803 جي فريم ورڪ …

اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ بورڊ آف پيس (بي او پي) ۾ شموليت جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي. آمريڪا جي صدر ڊونلڊ جي ٽرمپ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بي او پي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2803 جي فريم ورڪ تحت غزه امن منصوبي تي عملدرآمد جي حمايت جي لاءِ بورڊ آف پيس ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ان جي قيام سان غزه ۾ مستقل جنگبندي جي لاڳو، فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد ۾ خاطرخواهه اضافي ۽ علائقي جي نئين سر تعمير جي لاءِ عملي قدم ممڪن ٿي سگهندا. پاڪستان ان ڳالهه جو پڻ خواهشمند آهي ته اهي ڪوششون، فلسطيني عوام جي خودمختياري جو حق جيڪو عالمي اصولن ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن سان هم آهنگ، هڪ قابل اعتماد ۽ مقرر مدي جي سياسي عمل جي ذريعي ممڪن ٿيندو، کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان عمل جي نتيجي ۾ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي القدس الشريف کي گادي وارو شهر بڻائيندي هڪ آزاد، خودمختيار ۽ جاگرافيائي طور تي لڳولڳ فلسطيني رياست جو قيام عمل ۾ ايندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان بورڊ آف پيس جي ميمبر جي حيثي سان انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ فلسطيني عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي جي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو.

مزید خبریں