ڊيووس - 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مالياتي نظم ۽ ضبط قائم ڪرڻ، اوڳاڙيون وڌائڻ ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم جي 56هين سالياني اجلاس جي موقعي تي سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي. …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات

مزید خبریں
ڊيووس – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مالياتي نظم ۽ ضبط قائم ڪرڻ، اوڳاڙيون وڌائڻ ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم جي 56هين سالياني اجلاس جي موقعي تي سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي پاڪستان ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن ۾ بهتري، استحڪام جي ڪوششن ۽ اداراجاتي سڌارن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن مالياتي نظم ۽ ضبط، اوڳاڙين کي متحرڪ ڪرڻ ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي پاڪستان جي سڌاراجاتي ڪوششن جو اعتراف ڪيو ۽ انهن ڪوششن کي ساراهيو. هن ڊگهي مدي واري اقتصادي لچڪ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سڌارن جي رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ڌرين عالمي اقتصادي موقف، اڀرندڙ معيشتن کي درپيش چئلينجز ۽ اقتصادي استحڪام جي تحفظ ۾ گهڻ رخي تعاون جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.











