ڊيووس - 21 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڊيووس ۾ منعقد 56هين عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي فن لينڊ جي پرڏيهي وزير ايلينا والٽونن ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري سميت اهم شعبن ۾ پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ تعاون …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڊيووس ۾ فن لينڊ جي پرڏيهي وزير ايلينا والٽونن جي ملاقات

مزید خبریں
ڊيووس – 21 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڊيووس ۾ منعقد 56هين عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي فن لينڊ جي پرڏيهي وزير ايلينا والٽونن ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري سميت اهم شعبن ۾ پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان جي دائره ڪار کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين مستقبل تي ٻڌل ۽ گڏيل طور تي ڪارائتي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو.











