ڊيووس - 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان فلسطين جي وزيراعظم محمد مصطفيٰ ملاقات ڪري فلسطيني عوام جي لاءِ پاڪستان جي مستقل، اصولي ۽ اڻٿڪ حمايت تي ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي ٿي. فلسطين جي وزيراعظم محمد مصطفيٰ پاڻ هلي وزيراعظم محمد شهباز شريف وٽ آيو ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان فلسطين جي وزيراعظم محمد مصطفيٰ جي ملاقات

مزید خبریں
ڊيووس – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان فلسطين جي وزيراعظم محمد مصطفيٰ ملاقات ڪري فلسطيني عوام جي لاءِ پاڪستان جي مستقل، اصولي ۽ اڻٿڪ حمايت تي ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي ٿي. فلسطين جي وزيراعظم محمد مصطفيٰ پاڻ هلي وزيراعظم محمد شهباز شريف وٽ آيو ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ پاڪستان جي مستقل، اصولي ۽ اڻٿڪ حمايت تي سندس دل سان ٿورا ادا ڪيا. محمد مصطفيٰ عالمي فورمز تي فلسطين جي موقف جي حمايت ۽ فلسطين ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.











