پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جا لاڳاپا هاڻي نئين ۽ وڌيڪ اسٽريٽجڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب

ڊيووس-21 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جا لاڳاپا هاڻي نئين ۽ وڌيڪ اسٽريٽجڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن، توانائي جي نظام ۾ بهتري، ڪارڪردگي ۾ اضافو ۽ ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام لاءِ سڌارن جا قدم جاري آهن. هن اها ڳالهه ڊيووس ۾ جاري ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ايشيائي …

ڊيووس-21 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جا لاڳاپا هاڻي نئين ۽ وڌيڪ اسٽريٽجڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن، توانائي جي نظام ۾ بهتري، ڪارڪردگي ۾ اضافو ۽ ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام لاءِ سڌارن جا قدم جاري آهن. هن اها ڳالهه ڊيووس ۾ جاري ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي صدر ماساتا ڪانڊا ۽ مينزيس ايوي ايشن جي چيئرمين حسن الهوري سان ملاقاتن ۾ چئي. ملاقاتن ۾ پاڪستان جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ، عالمي حصيداري کي مضبوط ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري تي ٻڌل ترقي ۽ اوسر کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر سان ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جاري اقتصادي سڌارن جو جائزو ورتو ويو ۽ پاڪستان ۽ اي ڊي بي وچ ۾ پراڻي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي  طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بئنڪ جي صدر چيو ته پاڪستان اهم معاشي تبديلي جي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جتي سڌارن ۾ نئين رفتار ۽ مارڪيٽ ۾ وڌندڙ اعتماد نظر اچي رهيو آهي. هن پاڪستان ۾ اي ڊي بي جي مضبوط ۽ وڌندڙ شموليت کي ساراهيو ۽ ملڪي معيشت جي رخ تي اعتماد جو اظهار ڪيو. سينيٽر محمد اورنگزيب اي ڊي بي جي صدر جي مسلسل تعاون ۽ رهنمائي تي ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جا لاڳاپا هاڻي هڪ نئين ۽ وڌيڪ اسٽريٽجڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته گذريل هڪ سال کان پاڪستان ۾ مجموعي معاشي استحڪام طرف نمايان اڳڀرائي ٿي آهي جنهن جو سلسلو جاري آهي. ناڻي واري وزير مهانگائي ۾ گهٽتائي، وياج جي شرح ۾ نرمي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي جهڙن مثبت اهڃاڻن جو ذڪر ڪيو ۽ بئنڪ جي صدر کي ملڪ ۾ جاري ڍانچاجاتي سڌارن ۾ اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو. هن نجڪاري ۽ نجي شعبي جي شموليت جي حوالي سان حڪومتي قدمن تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته تازن قدمن سبب مارڪيٽ ۾ مثبت رد عمل آيو آهي ۽ مختلف شعبن ۾ وڌيڪ منصوبا غور هيٺ آهن. ناڻي واري وزير ترقياتي حصيدارن خاص ڪري اي ڊي بي سان ويجهي تعاون ۽ پاڪستان جي معاشي سڌارن کي استعمال ۾ آڻڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ملاقات دوران توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، جدت ۽ صاف ۽ پائيدار توانائي کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ٿيون. ناڻي واري وزير چيو ته توانائي جي نظام ۾ بهتري، ڪارڪردگي ۾ اضافو ۽ ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام لاءِ سڌاران وارا قدم جاري آهن. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته انهن شعبن ۾ عملي ۽ عمل جوڳي حل لاءِ ويجها رابطا رکيا ويندا. اي ڊي بي جي صدر پاڪستان لاءِ بئنڪ جي تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ نجي شعبي جي ڪردار کي معاشي ترقي لاءِ اهم قرار ڏنو. ان کان اڳ ناڻي واري منيزيس ايوي ايشن جي چيئرمين حسن الهوري سان به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايوي ايشن جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ، هوائي اڏن جي خدمتن ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير مينزيس ايوي ايشن جي چيئرمين کي حڪومتي نجڪاري منصوبن، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ۾ اڳڀرائي ۽ اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور جي هوائي اڏن کي حڪومتي انتظام مان ڪڍڻ جي ڪوششن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي چيو ته ملڪي ميعشت مثبت رخ ۾ گامزن آهي ۽ نجي شعبي ۽ عالمي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿي رهيو آهي، حسن الهوري ناڻي واري وزير کي مينزيس ايوي ايشن جي عالمي آپريشنز ۽ مختلف ملڪن جي خدمتن جي تجربن کان آگاهه ڪيو. هن پاڪستان کي ايوي ايشن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ هڪ پُرڪشش ملڪ قرار ڏنو ۽ پاڪستان ۾ تعاون جاري رکڻ ۽ وڌيڪ وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي طرفن کان هوائي اڏن جي سروس کي بهتر بڻائڻ ۽ مسافرن کي بهتر سهولتن جي فراهمي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مزید خبریں