اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 12 هزار 700 روپين جي اضافي سان في تولو سون 5 لک 6 هزار 362 روپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 12هزار 700 روپين جي اضافي کانپوءِ في تولو سون 5 لک 6 هزار 362 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 12 هزار 700 روپين جو اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 12 هزار 700 روپين جي اضافي سان في تولو سون 5 لک 6 هزار 362 روپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 12هزار 700 روپين جي اضافي کانپوءِ في تولو سون 5 لک 6 هزار 362 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 10 هزار 888 روپين جي اضافي کانپوءِ 4 لک 23 هزار 235 روپين مان وڌي 4 لک 34 هزار 123 روپيا ٿي وئي جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 87 هزار 979 روپين مان وڌي 3 لک 97 هزار 960 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمت 64 روپين جي اضافي کانپوءِ 9 هزار 933 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 54 روپين جي اضافي کانپوءِ 8 هزار 515 روپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4 هزار 713 ڊالرن مان وڌي 4 هزار 840 ڊالر ٿي وئي آهي.











