حڪومت سياسي مخالفن کي ذاتي دشمن نٿي سمجهي: طلال چوڌري

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته سمورين سياسي سرگرمين جي ناڪامي کانپوءِ هاڻي صرف اڊيالا جيل جي گيٽ تي سياست ڪئي پئي وڃي، حڪومت سياسي مخالفن کي ذاتي دشمن نٿي سمجهي، قيدين کي سمورا آئيني ۽ قانوني حق ڏنا پيا وڃن ۽ ڪنهن ڪوتاهي جي صورت ۾ ذميواري جيل عملدارن تي لاڳو هوندي. قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جي اعتراض واري نقطي …

اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته سمورين سياسي سرگرمين جي ناڪامي کانپوءِ هاڻي صرف اڊيالا جيل جي گيٽ تي سياست ڪئي پئي وڃي، حڪومت سياسي مخالفن کي ذاتي دشمن نٿي سمجهي، قيدين کي سمورا آئيني ۽ قانوني حق ڏنا پيا وڃن ۽ ڪنهن ڪوتاهي جي صورت ۾ ذميواري جيل عملدارن تي لاڳو هوندي. قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جي اعتراض واري نقطي تي جواب ڏيندي هن چيو ته سندس پارلياماني حاضري 100 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ۽ ايوان ۾ ڪنهن به ميمبر جي حاضري سئو سيڪڙو نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته الحمد الله سينيٽ يا ڪنهن به فورم تي اهو نٿو چئي سگهجي ته مون ڪنهن معاملي تي عملدرآمد ناهي ڪيو يا وقت سر رد عمل ناهي ڏنو، اسٽينڊنگ ڪميٽين جي اجلاسن ۾ هر ڀيري سمورن لاڳاپيل ادارن جي سربراهن جي شرڪت سندس ڪارڪردگي جو واضح ثبوت آهي، جيڪڏهن رڳو نالو وٺي سرخي ٺاهڻي هجي ته اها ميڊيا جي صوابديد آهي، تنهن هوندي به اصل شيءَ ڪارڪردگي ۽ حاضري آهي جيڪا سڀني جي آڏو آهي. افغان شهرين بابت تازي معاملي جو ذڪرڪندي مملڪتي وزير ٻڌايو ته گذريل رات سندس شهريار آفريدي سان ڳالهه ٿي جنهن ۾ واضح ڪيو ويو ته هي هڪ باقاعده قانوني عمل آهي، ڪجهه وقت معاملن کي جلدبازي ۾ صوبائيت يا ڪنهن ٻي رخ طرف موڙيو ويندو آهي جيڪو درست ناهي. طلال چوڌري انڪشاف ڪيو ته اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته ڪجهه پاڪستانين ذاتي يا مالي مفادن لاءِ افغان شهرين کي بي فارم ۾ شامل ڪري پاڪستاني ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نادرا ان حوالي سان 2 وڏيون مهمون هلايون، ملوث نادرا اهلڪارن کي سزائون ڏنيون ويون ۽ هي عمل هاڻي به جاري آهي ته جيئن افغان شهرين کي ڌار ۽ پاڪستاني شهرين کي محفوظ رکي سگهجي. هن ٻڌايو ته موجوده معاملو راولپنڊي ڊسٽرڪٽ بابت آهي، پوليس عملدارن سان ڳالهه ٿي چڪي آهي ۽ 7 ماڻهن جي فهرست انهن وٽ موجود آهي جڏهن ته مڪمل قانوني عمل جاري آهي. هن واضح ڪيو ته جيڪي ٻار يا ماڻهو پاڪستاني ثابت ٿيندا اهي اسان جا پنهنجا ماڻهو آهن، کين ڪيڏانهن نه موڪليو پيو وڃي، اهي ماڻهو حاجي ڪيمپن يا ٻين هنڌن تي موجود آهن ۽ قانوني عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سمورا پاڪستاني ٻار اڄ پنهنجي گهرن ڏانهن واپس هليا ويندا. پي ٽي آءِ باني جي ملاقاتن جي حوالي سان مملڪتي وزير چيو ته ان تي غير ضروري سياست ڪئي پئي وڃي، جٿا وٺي وڃڻ، عوامي ميڙاڪا ڪرڻ ۽ هزارين قيدين جي زندگي کي خطري ۾ وجهڻ ڪنهن به طور تي درست ناهي، جيل عملدارن کي اهو ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهجي ته ملاقات ڪهڙي طرح ۽ ڪهڙين شرطن تي ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙا قيدي به رهيا آهن جيڪي 30، 30 سال جيل ۾ رهيا، پر کين ايتريون ملاقاتون به نه مليو جيتريون هن قيدي کي ملي چڪيون آهن. هن موجب ساڍا 8 سئو کان وڌيڪ ماڻهو ملاقات ڪري چڪا آهن جن ۾ گهرڀاتي، سياسي اڳواڻ ۽ وڪيل شامل آهن جڏهن ته ڊاڪٽر تائين ڌار پهچ به حاصل آهي.  طلال چوڌري چيو ته ڪجهه حلقا وقفي وقفي سان سوشل ميڊيا تي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته قيدي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، پر ملاقاتن ۾ سڀ ڏسندا آهن ته هو ماشاءَ الله صحتمند، تندرست آهي ۽ باقاعده ورزش ڪندو رهندو آهي. هن ٻڌايو ته جيل ۾ مڪمل ڪامپليڪس موجود آهي جتي ورزش، ذاتي ڊاڪٽر، بورچي، مينو ۽ جيل مينول موجب سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. مملڪتي وزير چيو ته هي معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ فيصلو اڃان عدالت ئي ڪندي.

مزید خبریں