اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي ته وزير اعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي معيشت استحڪام ۽ ترقي جي درست رخ تي گامزن آهي، مائيڪرو، سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز (ايس ايم ايز) پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن ۽ حڪومت ايس ايم ايز کي قومي ترقي جي مرڪز ۾ رکيو آهي. گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس …
وزير اعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت استحڪام ۽ ترقي جي درست رخ تي گامزن آهي: هارون اختر خان

مزید خبریں
اسلام آباد-21 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي ته وزير اعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي معيشت استحڪام ۽ ترقي جي درست رخ تي گامزن آهي، مائيڪرو، سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز (ايس ايم ايز) پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن ۽ حڪومت ايس ايم ايز کي قومي ترقي جي مرڪز ۾ رکيو آهي. گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هارون اختر خان چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته معاشي پاليسيون هر ضلعي ۽ هر ننڍي ڪاروبار تائين پهچن. ايس ايم ايز روزگار، پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، ان لاءِ سڄي ملڪ ۾ ايس ايم اي ڪلسٽرز سان مشاورت مڪمل ڪري سمورن صوبن ۽ علائقن جي نمائندگي سان جامع ايس ايم اي پاليسي جوڙي وئي آهي. هن چيو ته ميڊ اِن پاڪستان ايس ايم اي ڪلسٽر شوڪيس ايڪسپو 2026ع لاهور ۾ 24 کان 26 جنوري تائين ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ٿيندي. هي ايڪسپو پاڪستان جي ننڍي ڪاروبار جو قومي پليٽ فارم هوندو جنهن ۾ 30 کان وڌيڪ ڪلسٽر پويلينز ۽ 174 نمائندا شرڪت ڪندا، عورتن ۽ مائيڪرو ڪاروبارن لاءِ خصوصي پويلينز قائم ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته بئنڪن ۽ مالياتي ادارن جي شموليت سان ايس ايم ايز کي سڌي ريت مالي پهچ حاصل هوندي. هارون اختر موجب آذربائيجان، ڪينيا ۽ ملائيشيا جا عالمي نمائندا به ايڪسپو ۾ شريڪ ٿيندا. عورت ڪاروباري شخصيتن جي شموليت حڪومت جي معاشي حڪمت عملي جو اهم حصو آهي، انهي ڏس ۾ نيشنل وومين انٽرپرينيورشپ پاليسي تي عملي ڪم شروع ٿي چڪو آهي ۽ عورت ڪاروباري شخصتن لاءِ فنڊز، تربيت ۽ مارڪيٽ تائين پهچ يقيني بڻائي پئي وڃي. هن چي ته ايڪسپو جو وڏو مقصد ايس ايم ايز کي بئنڪن، خريدارن ۽ سيڙپڪارن سان جوڙڻ ۽ روانگي واپار تي ٻڌل معيشت کي هٿي ڏيڻ آهي. ايس ايم اي ايڪسپو وزيراعظم جي معاشي ويزن جو عملي مظهر آهي، هي صرف نمائش ناهي پر پاڪستان جي معاشي طاقت جو اظهار آهي. ايڪسپو ۾ عوام معياري پاڪستاني شيون خريد ۽ آرڊر بڪ به ڪرائي سگهندا جڏهن ته سمورا صوبا ۽ خطا هڪ ئي ڇت هيٺ پنهنجي معاشي صلاحيت پيش ڪندا. هن چيو ته ايس ايم ايز مضبوط ٿيندي ته پاڪستان مضبوط ٿيندو.











