بيجنگ-21 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چين جي عوامي سياسي مشاورتي ڪانفرنس (سي پي پي سي سي) جي چيئرمين وانگ هوننگ سان ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سي پي پي سي سي جي چيئرمين …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جُون چين جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون

مزید خبریں
بيجنگ-21 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چين جي عوامي سياسي مشاورتي ڪانفرنس (سي پي پي سي سي) جي چيئرمين وانگ هوننگ سان ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سي پي پي سي سي جي چيئرمين پاڪ – چين اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان طرفان ون چائنا پاليسي ۽ صدر شي جن پنگ جي عالمي قدمن جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ ڌرين سي پيڪ، بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي ۽ واپاري تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان ۾ پاڪ – چين گڏيل مفادن، منصوبن ۽ چيني شهرين جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته سي پي پي سي سي چيئرمين وانگ هوننگ پاڪ – چين 75 سالن جي دوستي جي مناسبت جي حوالي سان پاڪ – چين دوستي کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين پاڪ – چين سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي عملي تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي عزم تي اتفاق ڪيو.











