دفاع واري وفاقي وزيرخواجه محمد آصف سان ايران جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بچاءَ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب اها ملاقات انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جيڪا ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ گهري ۽ ڀائراڻن ناتن جي عڪاسي ٿئي ٿي. ملاقات دوران ٻنهي شخصيتن گرمجوشي …

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بچاءَ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب اها ملاقات انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جيڪا ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ گهري ۽ ڀائراڻن ناتن جي عڪاسي ٿئي ٿي. ملاقات دوران ٻنهي شخصيتن گرمجوشي ۽ خيرسگالي جي جذبن جي مٽاسٽا ڪئي ۽ گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ ويجهن عوامي رابطن جي بنياد تي ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بچاءُ واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ ايراني عوام وچ ۾ تاريخي ۽ تهذيبي رشتا قائم آهن ۽ پاڪستان هر ڏُکئي وقت ۾ پنهنجي ايراني ڀائرن سان گڏ آهي. وفاقي وزير ايراني قيادت جي بصيرت ۽ عوامي استقامت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي ايراني قيادت جي دانشمنداڻي حڪمت عملي تي مڪمل اعتماد آهي، جيڪا ان جي قديم تهذيب ۽ عظيم تاريخ آهي. هن يقين ظاهر ڪيو ته ايراني قوم پنهنجي استقامت وارن قدمن کي درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. ايراني سفير پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام جو شڪريو ادا ڪندي پاڪستاني قيادت طرفان مسلسل حمايت کي ساراهيو. هن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ايران جي حوالي سان پاڪستان جي اصولي ۽ پُراڻي مؤقف جو اعتراف ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں