اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان سپريم ڪورٽ جي وڪيلن (ايڊوڪيٽس ۽ سپريم ڪورٽ)، ايڊوڪيٽس آن رڪارڊ ۽ ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن سان ملاقات کان پوءِ عدالتي معاملن ۾ بهتري، ڪيس مئنجمينٽ کي اثرائتو بنائڻ، وسيلن ۽ سائلين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي اهم هدايتون جاري ڪيون آهن. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي پاران جاري پڌرائيءَ موجب فيصلو …
چيف جسٽس آف پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي وڪيلن ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان سپريم ڪورٽ جي وڪيلن (ايڊوڪيٽس ۽ سپريم ڪورٽ)، ايڊوڪيٽس آن رڪارڊ ۽ ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن سان ملاقات کان پوءِ عدالتي معاملن ۾ بهتري، ڪيس مئنجمينٽ کي اثرائتو بنائڻ، وسيلن ۽ سائلين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي اهم هدايتون جاري ڪيون آهن. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي پاران جاري پڌرائيءَ موجب فيصلو ڪيو ويو آهي ته ماهوار ڪاز لسٽ اڳواٽ جاري ڪئي ويندي ته جيئن ڪيسن جي اثرائتي تياري ممڪن ٿي سگهي، جڏهن ته هفتيوار ڪاز لسٽ اربع ڏينهن جاري ڪئي ويندي، ته جيئن بينچز جي عدم دستيابي يا روسٽر ۾ تبديلي جي صورت ۾ ان ۾ ڦيرڦار ڪري سگهجي. ڪيسن جي ڊي لسٽنگ جي حوالي سان هدايت ڪئي وئي ته عام طور تي مقرر ڪيل تاريخ کان گهٽ ۾ گهٽ 48 ڪلاڪ اڳ آگاهي ڏني وڃي، جڏهن ته وڪيلن جي ذميداري هوندي ته هو وقت سر ڌُرين کي آگاهه ڪن. جيڪڏهن ڪنهن ڪيس جي ڊي لسٽنگ 24 ڪلاڪن اندر ٿئي ٿي ته جمعي کان علاوه ٻين ڏينهن ۾ اهڙن ڪيسن کي دستياب بينچز آڏو ٻيهر مقرر ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ائين ممڪن نه هجي ته پاليسي موجب ايندڙ هفتي لاءِ مقرر ڪيو ويندو. شروعاتي ٻُڌڻي (ارلي هيئرنگ) جي پاليسيءَ تي سختي سان عملدرآمد جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙا فوجداري ڪيس جن ۾ جوابدار پنهنجي سزا جو وڏو حصو ڪاٽي چڪا هجن، اَسي سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي قيدين جي ڪيسن ۽ اهو ڪيس جيڪي سمجهوتي ذريعي اُڪلايا ويا هجن، انهن کي ترجيحي بنيادن تي شروعاتي ٻُڌڻيءَ جي زمري ۾ شامل ڪيو ويندو. عدالتي فيصلن ۽ حڪمن تي صحيح کان فوري پوءِ ان کي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ ۽ لاڳاپيل وڪيلن کي اِي ميل ذريعي موڪلڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي، جنهن تي لاڳاپيل آفيسرن کي سختي سان عملدرآمد يقيني بنائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. دير سان ٻُڌڻيءَ جي نظام جي به منظوري ڏني وئي آهي جنهن تحت ڌُرين جي وڪيلن کي گڏيل درخواست تي چيف جسٽس جي منظوريءَ سان ڪيسن کي ٻنپهرن جي مانيءَ کان پوءِ لاڳاپيل بينچ آڏو مقرر ڪري سگهبو. اهڙن ڪيسن ۾ ڪنهن به بنياد تي التوا جي اجازت نه ڏني ويندي. برانچ رجسٽريز ۾ بينچز جي نامزدگي تي التوا ڪيسن جي انگ کي نظر ۾ رکندي جاري ڪئي ويندي. طريقيڪار بابت شڪايتن جي ازالي ۽ سهولتڪاري لاءِ وڪيل ۽ سائلين پبلڪ فيسيليٽيشن سينٽر سان رابطو ڪري سگهندا، جتي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو رجسٽرار ۽ نامزد آفيسر روزانو صبح 11 کان 11 لڳي 15 منٽن تائين موجود هوندا. سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته انهن فيصلن تي مڪمل طور تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عدالتي نظام ۾ شفافيت، موثريت ۽ سروس ڊليوري کي بهتر بڻائي سگهجي.











