تعليم، هنرمندي ۽ سمال انٽرپرائزز غربت جي خاتمي جا بنياد آهن: قيصر احمد شيخ

ڪراچي- 20 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ڪراچيءَ ۾ چنيوٽي شيخ سوسائٽي جي فنڊ ريزنگ تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن تعليم، هنرمندي ۽ سمال انٽرپرائزز کي جٽادار معاشي ترقي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ مُک عمل قرار ڏنو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي کانسواءِ غربت جو خاتمو ممڪن ناهي. هن چين جي …

ڪراچي- 20 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ڪراچيءَ ۾ چنيوٽي شيخ سوسائٽي جي فنڊ ريزنگ تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن تعليم، هنرمندي ۽ سمال انٽرپرائزز کي جٽادار معاشي ترقي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ مُک عمل قرار ڏنو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي کانسواءِ غربت جو خاتمو ممڪن ناهي. هن چين جي ترقيءَ جو مثال ڏيندي چيو ته تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اثرائتي سيڙپڪاري چين کي عالمي سطح تي معاشي ترقي ۽ عوام کي غربت مان ڪڍڻ ۾ نمايان ڪاميابي ڏياري. وفاقي وزير چيو ته ملڪي ترقي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪاروباري برادري جو ڪردار اهميت رکي ٿو ۽ معاشرتي فلاح لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ ڪميونٽيز جو فعال ڪردار به اڻٽر آهي. هن چنيوٽي شيخ برادري جي فلاحي خدمتن خاص ڪري تعليم، هنرمندي ۽ سمال انٽرپرائزز جي تربيت کي ساراهيو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز (ايس ايم ايز) ۾ سيڙپڪاري روزگار ۾ موقعا پيدا ڪرڻ، معاشي پاڻڀرو ٿيڻ ۽ قومي معيشت جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان بورڊ آف انويسٽمينٽ ذريعي بزنس فيسيليٽيشن سينٽرز (بي ايف سيز) سميت ريگيوليٽري سڌارا متعارف ڪرائي رهيو آهي ته جيئن سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولت، شفاف نظام ۽ تيز ڪاروباري عمل فراهم ڪري سگهجي. آخر ۾ وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ، ڪاروبار دوست ماحول جي جوڙجڪ ۽ تعليم ۽ هنرمندي تي ٻَڌل ترقي لاءِ مڪمل طور تي پُرعزم آهي.

مزید خبریں