اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته گل پلازا ۾ پيش آيل باهه جي افسوسناڪ واقعي تي وفاقي حڪومت متاثر خاندانن سان مڪمل يڪجهتيءَ سان گڏ بيٺل آهي ۽ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ان نوعيت جي واقعن ۾ سڀ کان پهرين دُعا جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته قيمتي انساني …
گل پلازا ۾ پيش آيل باهه جي افسوسناڪ واقعي تي وفاقي حڪومت متاثر خاندانن سان مڪمل يڪجهتيءَ سان گڏ بيٺل آهي: طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته گل پلازا ۾ پيش آيل باهه جي افسوسناڪ واقعي تي وفاقي حڪومت متاثر خاندانن سان مڪمل يڪجهتيءَ سان گڏ بيٺل آهي ۽ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ان نوعيت جي واقعن ۾ سڀ کان پهرين دُعا جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته قيمتي انساني جانين جو نقصان ڪڏهن به پورو نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ان واقعي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن چيو ته آئيني ۽ انتظامي طور تي اهڙن واقعن جي روڪٿام ۽ انهن کي مُنهن ڏيڻ جي بنيادي ذميداري صوبائي حڪومتن تي لاڳو ٿئي ٿي جيڪي ٻن اهم مرحلن تي مشتمل آهن. هن وضاحت ڪئي ته پهريون مرحلو تعمير وقت سخت بلنڊنگ ڪنٽرول، حفاظتي معيار تي عملدرآمد ۽ هنگامي رستن جي دستيابيءَ کي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته اهو به نهايت ضروري آهي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهي حفاظتي انتظام برقرار رهن، جڏهن ته اڪثر ڏٺو ويو آهي ته پارڪس، کُليل جاين يا هنگامي گذرگاهون ترتيبوار ڪمرشل استعمال ۾ تبديل ڪيون وينديون آهن، جيڪي عوامي تحفظ لاءِ خطرو بڻجي وڃن ٿيون. سندس مطابق حفاظتي قانونن تي عملدرآمد کي يقيني بنائڻ صوبائي انتظاميه جي ذميداري آهي. وفاقي وزير چيو ته ٻيو اهم مرحلو ڪنهن حادثي کان پوءِ جو هوندو آهي جنهن ۾ صوبائي کاتن ۽ مقامي انتظاميه جي ذميداري آهي ته فوري طور تي ريسڪيو آپريشن ڪيو وڃي، فائر برگيڊ ۽ امدادي گاڏيون وقت سر پهچن ته جيئن جاني ۽ مالي نقصان گهٽ کان گهٽ ٿئي. هن واضح ڪيو ته وفاقي حڪومت ڪڏهن به پنهنجي ذميدارين کان مُنهن ناهي موڙيو ۽ جتي به ضرورت پئي هر ممڪن سهڪار جاري رکندي. طارق فضل چوڌري واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۽ ڪارڪنن متاثر ڪٽنبن سان تعزيت ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ آئينده به انهن سان بيٺل رهندي. هن ايوان کي خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت اهڙن حساس معاملن کي سنجيدگي ۽ همدرديءَ سان ڏسي ٿي ۽ مستقبل ۾ ان نوعيت جي واقعن جي روڪٿام لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکيو ويندو.











