پاڪستان ۽ ورلڊ بئنڪ جو گڏيل سهڪار کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ، مختلف اهم شعبن ۾ جٽادار ڀائيواري وڌيڪ گهري ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ورلڊ بئنڪ گڏيل سهڪار کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي مختلف اهم شعبن ۾ جٽادار ڀائيواري وڌيڪ گهري ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اقتصادي معاملن واري ڊويزن طرفان جاري بيان موجب اهو سهڪار ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ (سي پي ايف) تحت عمل ۾ آندو ويندو، جنهن جو مقصد معاشي ترقيءَ ۾ تيزي، اثرائتي …

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ورلڊ بئنڪ گڏيل سهڪار کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي مختلف اهم شعبن ۾ جٽادار ڀائيواري وڌيڪ گهري ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اقتصادي معاملن واري ڊويزن طرفان جاري بيان موجب اهو سهڪار ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ (سي پي ايف) تحت عمل ۾ آندو ويندو، جنهن جو مقصد معاشي ترقيءَ ۾ تيزي، اثرائتي حڪمراني ۽ مالياتي خال کي ڀرڻ آهي. اها اڳڀرائي اسلام آباد ۾ وفاقي وزير احد چيما ۽ ورلڊ بئنڪ جي وچ اوڀر، اُتر آفريقا، افغانستان ۽ پاڪستان جي ريجنل نائب صدر عثمان ديون وچ ۾ ملاقات دوران سامهون آئي. ملاقات ۾ توانائي، غذائي تحفظ، زراعت، انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جهڙن اهم شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير تازن معاشي سڌارن جي هاڪاري نتيجن کان آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته انهن قدمن سان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام، سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي ۽ معاشي اؤسر ۾ بهتري آئي آهي. ڌُرين پاڪستان ۾ ورلڊ بئنڪ جي جاري ترقياتي رٿائن جي سگهه وڌائڻ، بين الشعبه جاتي هم آهنگي مضبوط ڪرڻ ۽ نتيجن تي ٻَڌل عملدرآمد يقيني بنائڻ تي زور ڀريو. ان موقعي تي ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته سي پي ايف جو پهريون سال مستقبل ۾ وڏي ۽ اثرائتي ترقياتي قدمن لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪندو. نائب صدر عثمان ديون پاڪستان حڪومت جي قيادت ۽ سڌارن واري ايجنڊا کي ساراهيندي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ جي مسلسل معاونت جي خاطري ڪرائي. هن ٻُڌايو ته ورلڊ بئنڪ گروپ جي صدر اجي بنگا جو ايندڙ پاڪستان جو دؤرو ٻنهي ڌُرين وچ ۾ جٽادار ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو اهم موقعو ثابت ٿيندو. ٻنهي طرفان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته نتيجن تي ٻَڌل ڀائيواريءَ ذريعي پاڪستان جي عوام لاءِ ٺوس، سماجي ۽ معاشي فائدا حاصل ڪري سگهبا.

مزید خبریں