مٿانهين خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اتر اولهه بلوچستان ۾ موسم جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اتر اولهه بلوچستان ۾ موسم جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ رات ۽ صبح جي وقت ۾ ڪوهيڙو پوڻ، جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي …

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اتر اولهه بلوچستان ۾ موسم جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ رات ۽ صبح جي وقت ۾ ڪوهيڙو پوڻ، جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ جزوي جهڙالي رهي. جڏهن ته خيبر پختونخواهه ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ برفباري پئي. پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. موسميات کاتي مطابق اڄ اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ موسم ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته پوٺورهار خطي ۾ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، مري، گليات ۽ ڀرپاسي ۾ موسم شديد ٿڌي ۽ جهڙالي رهڻ کانسواءِ شام رات ۾ برسات/ برفباري جو امڪان آهي. سنڌ ۾ اڄ اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، سکر، روهڙي، شڪارپور، ڪشمور، لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو ۽ جيڪب آباد ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 09، زيارت ۾ ڪاٽو 07، گوپس ۾ ڪاٽو 06، بگروٽ، قلات ۾ ڪاٽو 05، پاراچنار ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 04 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں