حيدرآباد- 20 جنوري (اي پي پي) ثقافت ۽ قومي ورثي بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ۽ وفاقي سيڪريٽري اسد الرحمان گيلاني انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو دؤرو ڪيو ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، ڊائريڪٽر سنڌالاجي ڊاڪٽر فياض لطيف سان ملاقات کان پوءِ ميوزيم، لائبريري ۽ اداري جي ٻين شعبن جو معائنو ڪيو. هن هتي محفوظ تاريخي نوادرات، ثقافتي ۽ تهذيبي ورثي، ناليوارن شخصيتن جي قائم ڪيل ڪارنرز …
وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاران انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي جو دؤرو، تاريخي نوادرات، ثقافتي ورثي۽ قرآن پاڪ جي 600 ساله نسخي جي ساراهه

مزید خبریں
حيدرآباد- 20 جنوري (اي پي پي) ثقافت ۽ قومي ورثي بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ۽ وفاقي سيڪريٽري اسد الرحمان گيلاني انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو دؤرو ڪيو ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، ڊائريڪٽر سنڌالاجي ڊاڪٽر فياض لطيف سان ملاقات کان پوءِ ميوزيم، لائبريري ۽ اداري جي ٻين شعبن جو معائنو ڪيو. هن هتي محفوظ تاريخي نوادرات، ثقافتي ۽ تهذيبي ورثي، ناليوارن شخصيتن جي قائم ڪيل ڪارنرز ۽ علمي خزاني کي نهايت دلچسپيءَ سان ڏٺو ۽ ان جي بهترين ترتيب ۽ سارسنڀال جي تعريف ڪئي. وفاقي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌالاجي نه صرف سنڌ پر سڄي پاڪستان جو هڪ نهايت اهم علمي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي ادارو آهي، جتي اچي کيس بيحد خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هن اداري ۾ ناياب تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي ورثي کي بهترين انداز ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. ميوزيم ۾ تاريخي، تهذيبي ۽ لوڪ ورثي کي سليقي سان گڏ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ريسرچ لائبريري ۾ 600 سال پُراڻي قرآن پاڪ جي قديم نسخي سان گڏوگڏ ٻيا تاريخي ۽ ناياب ڪتاب ۽ قلمي مواد موجود آهن، جنهن کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سندس دؤري جو مقصد پاڪستان جي سمورن ثقافتي ادارن سان رابطا قائم ڪري ان کي هڪ ٻئي سان جوڙڻ ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته سنڌالاجي جهڙا ادارا اسان جو قيمتي اثاثو آهن، جن جي ترقي اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. هن چيو ته پنهنجي وزارت طرفان اداري جي بهتريءَ لاءِ هر ممڪن سهڪار جي ڪوشش ڪنداسين ۽ ان سلسلي ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ ڊاڪٽر فياض لطيف سان گڏجي تفصيلي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان تمام جلد اسلام آباد ۾ قومي سطح جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس منعقد ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ سنڌالاجي شعبي کي به شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. ان سان گڏوگڏ اسان ڪوشش ڪنداسين ته سنڌالاجي اسلام آباد ۾ پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي شين جي نمائش ڪري ته جيئن ان تاريخي ۽ تهذيبي اداري ۾ محفوظ اهم اثاثن جو تعارف سڄي ملڪ جي ٻين باشعور ماڻهن کان به ڪرائي سگهجي. هن چيو ته اهڙا پروگرام منعقد ڪرڻ جي سلسلي ۾ سنڌالاجي شعبي سان هر قسم جو سهڪار ڪيو ويندو. هن وائيس چانسلر ۽ ڊائريڪٽر طرفان ڏنل محبت ۽ مهمان نوازيءَ تي شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي وفاقي سيڪريٽري اسد الرحمان گيلاني چيو ته سنڌالاجي هڪ شاندار ثقافتي ادارو آهي، جتي سنڌ جا خوبصورت ثقافتي رنگ محفوظ آهن. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ ثقافت ۽ ورثي جي حوالي سان گڏيل سهڪار کي هٿي ڏني ويندي ته جيئن هي ادارو وڌيڪ ترقي ڪري سگهي. ان مقصد تحت اسان سنڌ جي مختلف ثقافتي ادارن جو دؤرو ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، وفاقي وزير ۽ وفاقي سيڪريٽريءَ کي سنڌ يونيورسٽي پهچڻ تي ڀليڪار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس دؤرو سنڌ يونيورسٽي جي اهم اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. وائيس چانسلر چيو ته ثقافت ۽ ورثي واري وفاقي وزير طرفان اسلام آباد ۾ سنڌالاجي جي قيمتي اثاثن جي نمائش جي آڇ شاندار آهي، جنهن کي دل سان قبول ڪندي فوري طور تي ان سلسلي ۾ پروپوزل تيار ڪري اڳڀرائي ڪئي ويندي. هن وفاقي وزير جي سهڪار تي سندن شڪريو ادا ڪندي ان کي اداري لاءِ سٺو سنوڻ قرار ڏنو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف مهمانن کي باضابطا طور تي ڀليڪار ڪيو ۽ وائيس چانسلر طرفان سنڌالاجي جي بهتريءَ جي حوالي سان رهنمائي، حوصلا افزائي ۽ سهڪار جو خاص ذڪر ڪندي ان کي پنهنجي لاءِ همٿائيندڙ قرار ڏنو. هن چيو ته ان تاريخي اداري جي خدمت جي ذميداري هڪ وڏي سعادت ۽ اعزاز آهي. هن چيو ته سندس ڪوشش آهي ته انهن روايتن کي ان ئي تسلسل سان اڳتي وڌايو وڃي، جيڪو اسان جي محسنن قائم ڪيو ۽ جيڪو اداري جي بنيادي منشور جو حصو آهي. ڊائريڪٽر سمورن مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي علامت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس اسلام آباد محمد ايوب جمالي، ڊائريڪٽر ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالاجي اينڊ ميوزيم اسلام آباد امان الله ۽ پرووائيس چانسلر مين ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر سيد عبدالستار شاهه به موجود هو.











