پاڪستان چئن سالن کان پوءِ عالمي بانڊ مارڪيٽ ۾ واپسيءَ لاءِ تيار آهي، سڌارن جي رستي تي قائم رهڻو پوندو: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان چئن سالن کان پوءِ عالمي بانڊ مارڪيٽ ۾ واپسيءَ لاءِ تيار آهي، سڌارن جي رستي تي قائم رهڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي پائيدار ترقيءَ جو واحد حل آهي. هن اها ڳالهه بلوم برگ کي هڪ انٽرويو ۾ چئي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ مالي …

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان چئن سالن کان پوءِ عالمي بانڊ مارڪيٽ ۾ واپسيءَ لاءِ تيار آهي، سڌارن جي رستي تي قائم رهڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي پائيدار ترقيءَ جو واحد حل آهي. هن اها ڳالهه بلوم برگ کي هڪ انٽرويو ۾ چئي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ مالي صلاحڪارن جي چونڊ لاءِ تجويز جاري ڪندي، حڪومت ان ڳالهه جو جائزو وٺي رهي آهي ته ڊالر، يورو يا اسلامي سڪوڪ بانڊ جاري ڪيا وڃن، ان سان گڏوگڏ پاڪستان جلد ئي پنهنجي تاريخ جو پهريون پانڊا بانڊ به متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام جي ميدان ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. مهانگائي، وياج جي شرح، مالي خسارو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سميت سمورا معاشي اهڃاڻ بهتري طرف ۾ وڃي رهيا آهن. هن چيو ته پرڏيهه مان آيل ناڻي جا ذخيرا جون تائين 3 مهينن جي آمدني واپار برابر ٿيڻ جي اميد آهي، جيڪو عالمي معيار سمجهيو وڃي ٿو، رپئي تي فوري دٻاءُ ناهي، ڇاڪاڻ ته ادائگين جو توازن بهتر ٿيو آهي، ناڻي واڌ ۾ واڌ ٿي آهي ۽ خدمتن جو روانگي واپار وڌي رهيو آهي. روپيو گذريل اٽڪل ڏيڍ سال کان مستحڪم آهي. ناڻي واري وزير چيو ته معاشي استحڪام سان گڏوگڏ ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار سڌارا به ڪيا پيا وڃن، جن ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ شامل آهي. قومي ايئر لائن کي گذريل مهيني وڪرو ڪيو ويو آهي. هاڻي حڪومت نيويارڪ جي روز ويلٽ هوٽل ۾ پنهنجو حصو وڪرو ڪرڻ، وڏن هوائي اڏن جي انتظامن کي آئوٽ سورس ڪرڻ ۽ اٽڪل ٻه درجن ٻين سرڪاري ادارن جي نجڪاري تي غور ڪري رهي آهي. هن واضح ڪيو ته حڪومت جي ترجيح روانگي واپار تي ٻَڌل ترقي آهي ته جيئن آمدني واپار تي ڀاڙڻ سبب بار بار پيدا ٿيندڙ ادائگين جي بحران کان بچي سگهجي. ناڻي واري وزير چيو ته اسان کي سڌارن جا رستا قائم ڪرڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته اهو ئي پائيدار ترقي جو واحد حل آهي. ان کان علاوه بلوم برگ پنهنجي تبصري ۾ چيو ته پاڪستان چئن سالن جي وقفي کان پوءِ ٻيهر عالمي بانڊ مارڪيٽ ۾ وڃڻ جي تياري ڪري رهيو آهي ۽ انهن قدمن سان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ جي معيشت ۾ استحڪام آيو آهي، جڏهن ته ڪجهه سال اڳ پاڪستان ڊيفالٽ ويجهو پهچي چڪو هو. سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي پاڪستاني وفد جنهن جي قيادت وزيراعظم شهباز شريف ڪري رهيو آهي، عالمي سيڙپڪارن کي اهو پيغام ڏئي رهيو آهي ته پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي چڪي آهي، خاص طور تي معدنيات، زراعت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ تيار آهي. بلوم برگ موجب پاڪستان 2022ع کان پوءِ عالمي بانڊ مارڪيٽ مان لڳ ڀڳ ٻاهر ٿي ويو هو جڏهن ته آءِ ايم ايف جي پروگرامز تحت سخت مالي سڌارا ڪيا ويا. مهانگائي جيڪا هڪ وقت ۾ 40 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي، هاڻ گهٽ ٿي سنگل ڊجيٽ جي سطح تي اچي چڪي آهي، حڪومت ٻيهر پرائمري مالي سرپلس حاصل ڪيو آهي ۽ عالمي ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي درجابندي ۾ بهتري ڪئي آهي.

مزید خبریں