اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان ۾ سياسي مسئلن، چونڊ تڪرارن ۽ نظام ۾ موجود خامين جو حل صرف پارليامينٽ ۽ سياسي ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي، سياستدانن کي گهرجي ته هو هڪٻئي تي الزام لڳائڻ بدران گڏجي ويهي چونڊ نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنجيده ڳالهيون ڪن. سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ …
سياسي مسئلن، چونڊ تڪرارن ۽ نظام ۾ موجود خامين جو حل صرف پارليامينٽ ۽ سياسي ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي: راڻا ثناءُ الله

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان ۾ سياسي مسئلن، چونڊ تڪرارن ۽ نظام ۾ موجود خامين جو حل صرف پارليامينٽ ۽ سياسي ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي، سياستدانن کي گهرجي ته هو هڪٻئي تي الزام لڳائڻ بدران گڏجي ويهي چونڊ نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنجيده ڳالهيون ڪن. سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ ٿيل تقريبن هر چونڊ تي اعتراض اُٿندا رهيا آهن، چاهي اهي 2018ع هجي، 2013ع هجي يا ان کان اڳ جون چونڊون. ٻنهي طرفان ڌانڌلي جا الزام لڳن ٿا جنهن سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اسان جو چونڊ نظام اهڙو ناهي جنهن تي مڪمل اعتماد ڪري سگهجي. جيڪڏهن اسان صرف هڪ ئي چونڊ جي چوڌاري گهمندا رهيون ته اڳتي نٿا وڌي سگهون. هن چيو ته 2018ع جي چونڊن کان پوءِ ان وقت جي مخالف ڌُر به احتجاج ڪيو، انڪوائري ۽ ڪميشن جا مطالبا ڪيا، پر پارلياماني ڪميشين کي اثرائتي طريقي سان ڪم ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. ان وقت به جيلن ۾ سياسي ڪارڪن موجود هئا، پر کين سياسي قيدي تسليم نه ڪيو ويو پر سندن خلاف منفي بيانيو بڻايو ويو. راڻا ثناءُ الله عدالتي فيصلن جو حوالو ڏيندي چيو ته ماضيءَ ۾ اهڙا فيصلا به آيا جن تي اڄ پاڻ سوال اُٿاري رهيا آهن، ان وقت به عدالت جي فيصلن تي اعتراض هئا، پر سياستدانن نظام اندر رهندي جدوجهد ڪئي. هن چيو ته سياست سياستدانن کي ئي ڪرڻ گهرجي. لانگ مارچ، ڌرڻا ۽ ڇڪتاڻ مسئلن جو حل ناهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيترن ئي موقعن تي مخالفن کي بنا ڪنهن شرط ڳالهين جي آڇ ڪئي، بجيٽ جي ڏينهن به مخالف بينچن تي وڃي ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ يومِ آزاديءَ تي به قومي ڳالهين جي اپيل ڪئي. وزيراعظم جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته ماضيءَ ۾ سياسي پارٽين چارٽر آف ڊيموڪريسي تي اتفاق ڪري ملڪ کي استحڪام طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر بعد ۾ ڇڪتاڻ جو رستو اختيار ڪيو ويو. جيڪڏهن واقعي ملڪ کي اڳتي وڌائڻو آهي ته سياسي قيادت کي ويهي چونڊ قانونن، اليڪشن ڪميشن ۽ جمهوري نظام جي بهتريءَ تي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. هن زور ڀريو ته پاڪستان جي سمورن سياسي، مالي ۽ انتظامي مسئلن جو حل پارليامينٽ مان ئي نڪرندو. جيستائين سياستدان سنجيده ڳالهيون ڪندا تڏهن ئي رستو نڪرندو. اسان کي ان ڳالهه تي متفق ٿيڻو پوندو ته نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڳالهيون اڻٽر آهن.











