قومي بيانيي ۽ دهشتگردي تي خدشا پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته قومي بيانيي ۽ دهشتگردي تي خدشا پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اين ايف سي تحت 2010ع کان نومبر 2025ع تائين ڪي پي ڪي کي 5867 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا. قومي اسيمبليءَ ۾ اسد قيصر طرفان اُٿاريل نُڪتن تي وضاحت ڪندي هن چيو ته پنهنجي تقرير ۾ هن غير پارلياماني لفظ استعمال …

اسلام آباد- 20 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته قومي بيانيي ۽ دهشتگردي تي خدشا پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اين ايف سي تحت 2010ع کان نومبر 2025ع تائين ڪي پي ڪي کي 5867 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا. قومي اسيمبليءَ ۾ اسد قيصر طرفان اُٿاريل نُڪتن تي وضاحت ڪندي هن چيو ته پنهنجي تقرير ۾ هن غير پارلياماني لفظ استعمال ناهن ڪيا، نيشنل ايڪشن پلان تحت 20 نُڪتن مان گهڻا صوبن کي پورا ڪرڻا هئا، ان معاملي تي گڏيل اجلاس طلب ڪرڻ جي تجويز ڪئي مان حمايت ڪريان ٿو. مملڪتي وزير چيو ته اين ايف سي تحت 2010ع کان نومبر 2025ع تائين ڪي پي ڪي کي 5867 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا آهن، اضافي معاونت تحت اڳوڻي فاٽا کي 704 ارب رپيا ڏنا ويا، اڳوڻي فاٽا سان جيڪي واعده ڪيا ويا هئا ان تي وزيراعظم ڪميٽي ٺاهي جنهن ۾ سمورن ماڻهن کي شامل ڪيو ويو، ان ڪميٽيءَ ۾ به اهي ماڻهو نه آيا. هن چيو ته 117 ارب آءِ ڊي پيز، ترقياتي رٿائن لاءِ 115 ارب رپيا ڏنا ويا، صرف بي آءِ ايس پي تحت 481 ارب رپيا ڏنا ويا، 705 ارب رپيا اين ايف سي جي واڌو هڪ سيڪڙي جي مد ۾ ڏنا ويا. هن چيو ته مخالف ته بزدار کي به وسيم اڪرم پلس چوندا هئا. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پنهنجي صوبي جا ايترا دؤرا نه ڪيا جيترا ٻين صوبن جا ڪيا ويا، اسان پوري پاڪستان جي مفاد لاءِ گڏيل اجلاس سميت هر قسم جون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون جڏهن ته قومي بيانيي ۽ دهشتگرديءَ تي خدشا پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

مزید خبریں