اسلام آباد-20 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ تقريبن 603 ملين آمريڪي ڊالرن جي 3 معاهدن تي صحيحيون ڪيون ويون آهن. اهي معاهدا ايم6 سکر- حيدرآباد موٽروي منصوبي، انتهائي غريب ۽ ٻوڏ سبب متاثر گهراڻن جي غربت کان نجات جي منصوبي ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن لاءِ منصوبي جي مالي معاونت لاءِ ڪيا ويا آهن. اقتصادي معاملن جي ڊويزن واري وزارت …
پاڪستان ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ 603 ملين ڊالرن جي 3 معاهدن تي صحيحيون

مزید خبریں
اسلام آباد-20 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ تقريبن 603 ملين آمريڪي ڊالرن جي 3 معاهدن تي صحيحيون ڪيون ويون آهن. اهي معاهدا ايم6 سکر- حيدرآباد موٽروي منصوبي، انتهائي غريب ۽ ٻوڏ سبب متاثر گهراڻن جي غربت کان نجات جي منصوبي ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن لاءِ منصوبي جي مالي معاونت لاءِ ڪيا ويا آهن. اقتصادي معاملن جي ڊويزن واري وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اهي معاهدا اسلام آباد ۾ اعليٰ سطح جي ڳالهين کان پوءِ طئي ٿيا، جن ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر ڊاڪٽر رامي احمد جي قيادت ۾ بئنڪ جو وفد شامل هو. منصوبي تي باضابطه صحيحيون اسلامي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر ڊاڪٽر رامي احمد ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري محمد حمير ڪريم ڪئي. ان موقعي تي احد خان چيما، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه ۽ ٻيا اعليٰ سرڪاري عملدار به موجود هئا. معاهدن تحت اسلامي ترقياتي بئنڪ ايم-6 سکر حيدرآباد موٽر وي لاءِ 475 ملين ڊالرز فراهم ڪندو جيڪو ڄاڻايل پشاور ڪراچي موٽر وي جو هڪ اهم حصو آهي. ان کان علاوه پاڪستان ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ انتهائي غربت ۽ ٻوڏ سبب متاثر گهراڻن جي غربت کان نجات واري منصوبي جي شروعات جو معاهدو به طئي ٿيو، جيڪو هڪ تاريخي قدم آهي. ان منصوبي جو مقصد غريب گهراڻن کي ڪجهه روڪ امداد تي ڀاڙڻ جي طريقيڪار مان ڪڍي پائيدار روزگار، معاشي خود ڪفالت ۽ موسمياتي لچڪ طرف منتقل ڪرڻ آهي. منصوبي جي مجموعي لاڳت 134.2 ملين ڊالرز آهي جنهن مان 118.4 ملين ڊالرز اسلامي ترقياتي بئنڪ فراهم ڪندو. هي منصوبو 25 ضلعن ۾ لاڳو ڪيو ويندو، جن مان 20 ضلعن جي (ملٽي ڊائمينشنل پاورٽي انڊيڪس 2024ع جي بنياد تي چونڊ) ۽ 2022ع ۽ 2025ع جي ٻوڏ سبب متاثر 5 ضلعا شامل آهن، منصوبي تحت 160866 گهراڻن تائين پهچ حاصل ڪئي ويندي ۽ روزگار جا هڪ لک موقعا پيدا ڪيا ويندا، جن ۾ اثاثن جي معاونت، بنا وياج قرض، هنرمندي جي تربيت، برسات جو پاڻي ذخيرو ڪرڻ، موسمياتي لچڪ رکندڙ زراعت ۽ ڪاروباري خدمتون فراهم ڪندڙ ادارن جي معاونت شامل آهي. اقتصادي معاملن جي ترجمان ٻُڌايو ته هي معاهدو حڪومت جي ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته ڪجهه کپت تي ٻَڌل سماجي تحفظ جي طريقيڪار مان نڪري غربت مان ترتيبوار نجات ۽ لچڪدار ترقيءَ جي ماڊل طرف وڌيو وڃي جيڪو قومي ترجيحن ۽ پائيدار ترقيءَ جي هدفن سان هم آهنگ آهي. هڪ ٻئي معاهدي موجب آزاد جمون ڪشمير ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي منصوبي لاءِ اسلامي ترقياتي بئنڪ 10 ملين ڊالرز فراهم ڪندو جنهن ذريعي تقريبن 60 هزار ٻارن کي ٻيهر اسڪولن ۾ آندو ويندو جڏهن ته 4 هزار استادن جي تربيت به ڪئي ويندي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير پاڪستان لاءِ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي مسلسل معاونت کي ساراهيندي ان جو شڪريو ادا ڪيو.











