سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4300 رپين جي واڌ رڪارڊ

اسلام آباد-20 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4 هزار 300 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 93 هزار 662 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 300 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 93 هزار 6 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 …

اسلام آباد-20 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4 هزار 300 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 93 هزار 662 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 300 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 93 هزار 6 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3686 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 19 هزار 549 رپين مان وڌي 4 لک 23 هزار 235 رپيا ٿي وئي. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 84 هزار 600 رپين مان وڌي 3 لک 87 هزار 979 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 87 رپين جي واڌ کانپوءِ 9869 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 75 رپين جي واڌ کانپوءِ 8461 رپيا ٿي ويو. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4670 ڊالرز مان وڌي 4713 ڊالرز ٿي وئي آهي.

مزید خبریں