اسلام آباد-20 جنوري(اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 01 پئسي جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 279 روپيا 91 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال …
انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-20 جنوري(اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 01 پئسي جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 279 روپيا 91 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 64 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 742 رپيا 42 پئسا رهيو. ساڳي طرح عمان جي ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 727 رپيا 09 پئسا رهيو، ڪويت جي دينار جو 915 رپيا 64 پئسا ۽ قطر جي ريال جي قيمت 76 رپيا 79 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 280 رپيا 75 پئسا ۽ وڪرو 282 رپيا 95 پئسا رڪارڊ ڪيو ويو.











