لاهور - 20 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته دهشتگردن جي لاءِ ڪنهن به قسم جي همدردي ملڪي مفاد جي خلاف آهي، پي ٽي آءِ ملڪ ۾ انتشار جي سياست ۽ گارگند جي ڪلچر کي فروغ ڏنو، ٽي ٽي پي جو خاتمو يقيني بڻايو ويندو، قومي بيانيي جي خلاف شرانگيزي پکيڙيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، معرڪه حق …
دهشتگردن جي لاءِ ڪنهن به قسم جي همدردي ملڪي مفاد جي خلاف آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
لاهور – 20 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته دهشتگردن جي لاءِ ڪنهن به قسم جي همدردي ملڪي مفاد جي خلاف آهي، پي ٽي آءِ ملڪ ۾ انتشار جي سياست ۽ گارگند جي ڪلچر کي فروغ ڏنو، ٽي ٽي پي جو خاتمو يقيني بڻايو ويندو، قومي بيانيي جي خلاف شرانگيزي پکيڙيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، معرڪه حق ۾ فتح تي ڀارت اڃا تائين پنهنجي زخمن تي لوڻ ٻُرڪي رهيو آهي، ملڪي سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج قربانين جي نئين داستان لکي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان فيڊرل يونين آف ڪالمسٽ اينڊ ڪري ايٽرز (پي ايف يو سي) جي عهديدارن جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناليوارو اينڪر پرسن سهيل وڙائچ، صحافي عبدالمجيد ساجد، تجزيه نگار نجم ولي خان، پي ايف يو سي چيئرمين فرخ شهباز، مرڪزي صدر فريد رزاقي، سيڪريٽري جنرل محمد وقار اسلم، سينيئر نائب صدر محمد علي، عمر جنجوعه اسلام آباد چيپٽر، نائب صدر تنظيمي معاملا اظهر ٿراج، مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات سعديه خالد، نائب صدر آر اينڊ ڊي ڊاڪٽر شهباز عباسي، ترجمان مرڪزي صدر نديم مشتاق ميو، صدر وومين ونگ مهوش فضل جٽ، جوائنٽ سيڪريٽري روزينه فيصل، صدر پنجاب رضوان الله خان، صدر سنڌ اختر ايوب خان، صدر آزاد ڪشمير ڊاڪٽر عثمان غني، صدر خيبرپختونخواهه عالم زيب وزير، صدر بلوچستان زردار ڪاڪڙ سميت ٻيا نمائندا موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته معاشري ۾ صحافين جو ڪردار جمهوري عمل جي مضبوطي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، حڪومت صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي ۽ انهن جي روزگار جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي ڇو ته جنهن معاشري ۾ اختلاف راءِ نه هجي، اهو معاشرو پاڻ زوال طرف وڌي وڃي ٿو، جڏهن ته اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ ملڪي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جي هرگز اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته اظهار راءِ جي آزادي سان گڏ ذميواري، اخلاقيات ۽ پيشيواراڻي قدرن جو هجڻ لازمي آهي ڇو ته بي لغام ڊيجيٽل پليٽ فارمز معاشرتي انتشار ۽ گمراهه ڪندڙ بيانيي کي فروغ ڏئي سگهن ٿا. ڊيجيٽل ميڊيا جي حوالي سان پاليسي سازي جي ضرورت تي زور ڏيندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت جديد صحافت جي فروغ جي لاءِ ميڊيا جي ادارن سان گڏجي صحافين کي عالمي سطح جي تربيت ۽ اسڪالرشپس جي فراهمي جو ارادو رکي ٿي. هن چيو ته اختلاف راءِ ڪنهن به جمهوري معاشري جو بنياد هوندو آهي ۽ تنقيد جيڪڏهن اصلاح جي نيت سان هجي ته ان کي خوش دلي سان قبول ڪرڻ گهرجي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا جي تيز رفتار ترقي جي باوجود ان جي لاءِ واضح اداراجاتي ڍانچو يا تحفظاتي نظام موجود نه آهي، جنهن جي ڪري صحافت ۽ غيرذميوار مواد جي وچ ۾ فرق ختم ٿيندو پيو وڃي. هن چيو ته هر ماڻهو جيڪو موبائيل فون رکي ٿو پاڻ کي صحافي يا تجزيه نگار سمجهڻ لڳو آهي، جنهن سان پيشيواراڻي صحافت کي نقصان پهچي رهيو آهي. وفاقي وزير پيڪا قانون تحت تجويز ڪيل ريگيوليٽري ادارن جي قيام جي حوالي سان چيو ته سمورين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت کانپوءِ قابل عمل ۽ متوازن نظام جوڙيو ويندو. هن واضح ڪيو ته اطلاعات واري وزارت جو مقصد صحافت کي فروغ ڏيڻ آهي نه ڪي اظهار راءِ جي تي پابندي لڳائڻ. هن چيو ته سياسي اختلافن جو حل ٽڪراءُ نه آهي پر ڳالهه ٻولهه آهي ۽ هو پنهنجي ذات، پارٽي ۽ قيادت تي ٿيندڙ تعميري تنقيد کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿا. ڊيجيٽل صحافين جي روزگار ۽ تحفظ جي حوالي سان عطاءُ الله تارڙ چيو ته آن لائين ميڊيا سان واڳيل ڪارڪنن جي لاءِ ڪنهن به قسم جو قانوني تحفظ موجود نه آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي صحافي بيروزگار ٿيا. هن ٻڌايو ته حڪومت اهڙن متاثر صحافين جي لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا آهن ۽ ڊيجيٽل يونين جي قيام جي حمايت پڻ ڪئي ويندي. وفاقي وزير ڊيجيٽل ڪانٽينٽ ڪريئيٽرز تي ٽيڪس بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته جهڙي طرح هڪ پگهاردار طبقو ٽيڪس ادا ڪري ٿو، اهڙي طرح آن لائين پليٽ فارمز سان به وڏي آمدني حاصل ڪندڙن کي پڻ قومي ذميواري نڀائڻي پوندي. هن مرحوم صحافين ۽ اديبن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قلمڪار پنهنجي خيالن ۽ لکڻين جي ذريعي سدائين زندهه رهن ٿا ۽ موجوده دور جي ليکڪن ۽ ڪالم نگارن جي قدر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ميڊيا ادارن جي مالي مسئلن تي ڳالهه ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزارت سنڀالڻ جي پهرين هفتي ئي اٽڪل ڏيڍ ارب رپين جون رهتون ڪليئر ڪيون ويون. هن ميڊيا مالڪن تي زور ڏنو ته ادائيگين جو فائدو سڌوسنئون صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز تائين پهچڻ گهرجي. عطاءُ الله تارڙ صحافين ۽ ڪريئيٽرز جي لاءِ تربيتي پروگرامز، اسڪالرشپس ۽ تحقيقي موقعن جي فراهمي جي حوالي سان چيو ته اهي قدم گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) ۽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڪراچي جي تعاون سان کنيا ويندا. هن چيو ته پارٽي قائد محمد نواز شريف ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سدائين سياست ۾ رواداري کي فروغ ڏنو، اسان جڏهن حڪومت سنڀالي ملڪي مفاد جي لاءِ مفاهمت کي ترجيح ڏني، چونڊ مهم دوران جڏهن باني پي ٽي آءِ اسٽيج تان ڪري زخمي ٿيو ته اسان جا قائدين سندس صحت پُڇڻ جي لاءِ چونڊ مهم ڇڏي اسپتال ويا ۽ ڀائيچاري جي سياست کي فروغ ڏنو جڏهن ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ نفرت، گارگند ۽ انتشار جي سياست کي پروان چاڙهيو، پي ٽي آءِ وارن جي سوچ محدود ۽ رويو افسوسناڪ آهي، سياسي اختلاف جي آڙ ۾ عورتن تي گند اڇلائڻ انهن جو شيوو بڻجي چڪو آهي ۽ اهو طرز عمل ڪنهن مهذب معاشري ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي، خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي ٻُڙي آهي، صوبي جي عوام جو حال پڇڻ وارو ڪوبه نه آهي، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير نعرا هڻي ٿو، عشق باني پي ٽي آءِ ۾ ماريو ويندس جنهن تي کل اچي ٿي، صوبي ۾ سندس ڪارڪردگي ٻُڙي آهي، صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن جي حالت خراب آهي، پڇيو وڃي ته عوامي شعبن ۾ ڪهڙا سڌارا آندا، انهن وٽ ڪو جواب ناهي هوندو، حالت اها آهي ته انهن جي وزيرن تائين خيبرپختونخواهه جي اسپتالن ۾ پنهنجو علاج نه ٿا ڪرائين، پي ڪي ايل آءِ، ڪارڊيالوجي سميت ٻين پنجاب جي اسپتالن ۾ اڪثريت خيبرپختونخواهه مان آيل مريضن جي هوندي آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي درجنين يونيورسٽين ۾ عملو موجود نه آهي، ڪيترا ضلعا اهڙا آهن جتي عورتن جي لاءِ هڪ به ڪاليج موجود نه آهي، ڪوهستان مان اربين رپين جي ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون اچن ٿا پر پي ٽي آءِ انتشار جو ڪو موقعو هٿان وڃڻ نه ٿي ڏي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪري ٿي، انهن جو سڄو فوڪس آهي ته دهشتگردن کي ڪجهه نه چئو. هن چيو ته جيڪڏهن واقعي ڪنهن ۾ جرئت آهي ته اهو دهشتگردي جهڙي اصل ۽ سنگين مسئلي تي واضح موقف اختيار ڪري. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ واضح ڪيو ته ٽي ٽي پي پاڪستان جي دشمن آهي ۽ رياست دهشتگردن جو آخري دم تائين پيڇو ڪندي. هن چيو ته اهو حوصلو ۽ اعتماد پاڪ فوج، سيڪيورٽي ادارن ۽ انهن جوانن تي مڪمل يقين جو نتيجو آهي جيڪي روزانو پنهنجي حياتي خطري ۾ وجهي ملڪ جي دفاع جي لاءِ گهرن مان نڪرن ٿا. هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن جي خلاف ڪنهن به قسم جي توهين هرگز قبول نه آهي، قومي بيانيي جي خلاف شرانگيزي پکيڙيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته قومي بيانيي جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه، ابهام يا نرم رويو هرگز برداشت نه ڪيو ويندو ڇو ته دهشتگردي جي معاملي تي ابهام اصل ۾ دهشتگردن کي فائدو پهچائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي لاءِ ڪنهن به قسم جو نرم گوشو يا رعايت پاڪستان جي مفاد جي خلاف آهي. هن واضح ڪيو ته سياسي تحريڪون ڀلي سئو ڀيرا هلايون وڃن پر پاڪستان جي استحڪام ۽ قومي بيانيي جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڳالهه يا عمل کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي مدبراڻي ڪوششن سان ملڪي معيشت بهتري طرف روان دوان آهي، اڄ پاڪستان سان اهم دفاعي ۽ معاشري معاهدا طئي ٿي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معرڪه حق ۾ شاندار فتح تي ڀارت اڄ به پنهنجي زخمن تي لوڻ ٻُرڪي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته معاشرتي ترقي جي لاءِ تخليقي سوچ، علم ۽ شعور جي فروغ جي ضرورت آهي ۽ حڪومت صحافي برادري سان گڏجي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. ان موقعي تي ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان فيڊرل يونين آف ڪالمسٽ اينڊ ڪريئيٽرز (پي ايف يو سي) جي نئين چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو.











