وزيراعظم محمد شهباز شريف ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس روانو

اسلام آباد- جنوري 20 (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ورلڊ اڪنامڪ فورم (ڊبليو اي ايف) جي سالياني ڪانفرنس 2026ع ۾ شرڪت لاءِ سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس لاءِ روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد چيما، اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص مددگار طارق …

اسلام آباد- جنوري 20 (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ورلڊ اڪنامڪ فورم (ڊبليو اي ايف) جي سالياني ڪانفرنس 2026ع ۾ شرڪت لاءِ سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس لاءِ روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد چيما، اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به سرڪاري دوري تي وزيراعظم سان گڏ آهن. ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني ڪانفرنس (جنوري 19 کان 23 جنوري 2026ع ) ۾ شرڪت کانسواءِ، وزيراعظم محمد شهباز شريف جُون ٻيُون به اهم سفارتي ۽ معاشي مصروفيتون هُونديُون. هو مختلف رياستن ۽ حڪومتن جي سربراهن ۽ عالمي تنظيمن جي اڳواڻن سان ٻطرفيُون ملاقاتون ڪندو. دوري ۾ ڪاروباري گول ميز پڻ منعقد ٿيندي جنهن جو گڏيل اهتمام پاڪستان ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم ڪري رهيا آهن ۽ ان ۾ علمي سطح جي وڏين ڪمپنين جا اڳواڻ شرڪت ڪندا، جيڪي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ يا پنهنجي موجُوده سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا.

مزید خبریں