اسلام آباد- جنوري 20 (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان ناصر سان سندس ڀاڄائي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي، نائب وزيراعظم ۽ وفاقي قانون واري وزير مرحوم جي روح جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ الله تعاليٰ کان سندس مغفرت، درجن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پاران ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان ناصر سان سندس ڀاڄائي جي لاڏاڻي تي تعزيت

مزید خبریں
اسلام آباد- جنوري 20 (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان ناصر سان سندس ڀاڄائي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي، نائب وزيراعظم ۽ وفاقي قانون واري وزير مرحوم جي روح جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ الله تعاليٰ کان سندس مغفرت، درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هُنن گهري ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هُو سوڳوار خاندان جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهن. ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان ناصر نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جي آمد، تعزيت ۽ همدردي تي ٿورا ادا ڪيا. ان کانسواءِ سينيٽر سيد علي ظفر، سينيٽر عون عباس، سينيٽر مشعال يوسفزئي، سينيٽر دوست محمد خان، سينيٽر بلاول مندوخيل، سينيٽر سيد وقار مهندي، سينيٽر سرمد علي، سينيٽر ناصر محمود بٽ، سينيٽر خليل طاهر سنڌو ۽ ٻين پارليامينٽ ميمبرن ۽ مُلڪ جي اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن به سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر سان تعزيت ڪئي. تعزيت لاءِ ايندڙ شخصيتن مرحومه جي لاڏاڻي تي دلي ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، سندس مغفرت ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي.











