اسلام آباد- 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مستونگ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سي ٽي ڊي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن جي شرپسندي جي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ ۽ 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سي ٽي ڊي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي …
وزيراعظم شهباز شريف پاران مستونگ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سي ٽي ڊي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مستونگ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سي ٽي ڊي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن جي شرپسندي جي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ ۽ 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سي ٽي ڊي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا بهادر آفيسر ۽ اهلڪار دهشتگردن کان ملڪ جي حفاظت جي لاءِ ڏينهن رات مصروف آهن، مون سميت پوري قوم کي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادر آفيسرن ۽ اهلڪارن تي فخر آهي.











