ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي: امير مقام

ڪيپ ٽائون-19 جنوري (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي ۽ جيستائين ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل نٿو ٿئي خطي ۾ پائيدار امن ممڪن ناهي. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو ڀارت جي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام کي سندن خوداراديت وارو حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا …

ڪيپ ٽائون-19 جنوري (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي ۽ جيستائين ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل نٿو ٿئي خطي ۾ پائيدار امن ممڪن ناهي. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو ڀارت جي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام کي سندن خوداراديت وارو حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه هن ڪيپ ٽائون ڏکڻ آفريقا ۾ پاڪستاني ۽ ڪشميري برادري طرفان رٿيل گرينڊ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چئي. ڏکڻ آفريقا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙو عظيم الشان ڪنوينشن منعقد ٿيو جنهن ۾ سڀني سياسي پارٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڪنوينشن کي خطاب ۾ انجنيئر امير مقام چيو ته ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون هڪ ڊگهو تاريخ رکن ٿيون ۽ بدقسمتي سان هي سلسلو اڄ به جاري آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻيءَ ۾ حق جي ويڙهه ۾ دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني وئي. وفاقي وزير سمنڊ پار پاڪستانين کي قوم جو قيمتي اثاثو قرار ڏيندي چيو ته سندن وٽان موڪلي ويندڙ رقم ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو ٿورو مڃيندي چيو ته وفاقي حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. هن ٻُڌايو ته ڏکڻ آفريقا جي عملدارن سان پاڪستاني ڪميونٽي جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي ۽ هو پاڪستان جي ايئرپورٽس تي سمنڊ پار پاڪستانين کي غير ضروري هراسان ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ به لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهائيندو. ان کان علاوه ڪيپ ٽائون ۾ پاڪستاني قونصليٽ جي قيام جي سفارش ۽ ٻه طرفي واپار کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

مزید خبریں